دولتپورصفن (رپورٽ: محمد موسيٰ انڙ) تازين پيل مسلسل طوفاني برساتن دولتپورصفن ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي هارين ۽ آبادگارن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو، سوين ايڪڙن تي تيار بيٺل چانورن جيفصل کي طوفاني برساتن ڪيرائي وڌو هو، زمينن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهڻ جي نتيجي ۾ تيار بيٺل چانور جو فصل ڪٽائي کان اڳ ئي زمين ۾ اندر ڦٽي پيو، ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون قرض تي کڻي وڏي محنت بعد فصل تيار ڪندڙ هاري ۽ آبادگار” عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي لڙڪ وهائي ويٺا. تازين پيل برساتن سبب دولتپورصفن ۽ آسپاس ۾ پوکيل ھزارين ايڪڙ چانور جو فصل تباھ ٿيڻ ڪري ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن تي ٿيل لکين رپيا خرچ ٻڏڻ لڳو آھي. جنھنڪري آبادگارن ۽ ھارين جا مٿي تي ھٿ اچي ويا آھن. تيز طوفاني برساتن بعد علائقي جون هزارين ايڪڙ زرعي زمينون پاڻي ھيٺ اچي ويون. متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ديهھ چارڙو. ديهھ ھوٿيپوٽا. ديهھ کڙ. ديهھ ٽالھي.ديھه پٻجو. ديهھ سرمن ڪنڊي. ديهھ مير رڪڻ ۽ ٻيون شامل آھن. فصل متاثر ٿيڻ کانپوءِ مذڪوره ديھن جا آبادگار ۽ ھاري تباھي طرف ڌڪجي ويا آھن ، ان سلسلي ۾ آبادگارن اسماعيل ھوٿيپوٽو، سيد اسد شاھه، محمد صالح ھوٿيپوٽو، غلام محمد پنجابي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته وڏو خرچ ڪري چانور جو فصل پوکيو ھو. جيڪو طوفاني برساتن سبب مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آھي، هنن گهر ڪئي ته سرڪار کي گهرجي ته فوري طور تي سندن علائقي کي آفت سٽيل قرار ڏئي آبادگارن جي مالي مدد ڪري ته جيئن اسان مڪمل تباھ ٿيڻ کان بچي سگهون.