دولتپورصفن: برساتن سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ پاڻي بيھڻ سان چانور جو فصل تباھ ٿيڻ سان گڏ آبادگارن مارڪيٽ مان خريد ڪيل ٻج پڻ نقلي ھئڻ جو انڪشاف ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ آبادگارن جو چوڻ آھي ته چانورن جا ٻج ون ٽو ون. ڊائمنڊ ۽ ٻيا مارڪيٽ مان خريد ڪري پوکيا ويا. جيڪي پڻ ناڪاره ثابت ٿيا آھن. آبادگارن چيو ته ھڪ طرف برسات فصل کي تباھ ڪيو آھي ته ٻئي طرف ڪجهھ ھنڌن تي وري ناڪاره ٻج ملڻ ڪري فصل ۾ چانور جو داڻو ئي نه ٿيو ۽ رڳو گاھ ٿي بيھي رھيو. ھنن چيو ھتي زراعت کاتي وارا به ناھن جو اهي نقلي ٻجن جي ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪن ۽ آبادگارن کي بھتر ٻجن بابت آگاھي ڏين. ان ڪري ھن ڀيري ٻنھي طرفن کان آبادگارن کي سخت نقصان رسيو آھي ۽ سڄي علائقي ۾ چانور جو پوکيل ھزارين ايڪڙ فصل ڪوبه لاڀ نه ڏئي سگھيو.
-
حڪومت عمران خان پراجيڪٽ ٽوڙڻ لاءِ حمايتي جج چونڊي ڇڏيا
اسلام آباد (عمران شفقت) عمران خان پراجيڪٽ کي ٽوڙڻ لاءِ پارليامينٽ جي طاقت کي استعمال ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي جنهن جي اڳواڻي آصف علي زرداري ڪري رهيو آهي. آئيني ترميم ۾ ججن جي مدي ۾ واڌ بابت ڳالهيون ٿي رهيون هيون ۽ عام تاثر هو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو مدو وڌايو ويندو پر حڪومت ڪجهه اهڙن ججز جي چونڊ ڪئي آهي جن کي اڳتي پوئتي ڪيو ويندو ۽ ان لاءِ سينيٽ ۾ پنهنجي اڪثريت ڏسڻ لاءِ ججن واري ترميم کان اڳ احتياطي طور هڪ ٻي آئيني ترميم پيش ڪئي ويندي.
-
ڪراچي ۾ اي اين ايف جي ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ هيروئن هٿ
ڪراچي ( رپورٽر ) اي اين ايف ڪراچي انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل تي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي هڪ ڪنٽينر مان وڏي مقدار ۾ هيروئن هٿ ڪري ورتي، جيڪي ڪنٽينر سريلنڪا موڪليا پيا وڃن. اي اين ايف ترجمان موجب شڪي ريفريجريٽر جي تلاشي وٺڻ تي 1198 مان 122 بيگز مليا جن ۾ لڪايل 5 ڪلو هيروئن هئي اي اين ايف جي ٽيم انتهائي مهارت سان هيروئن سان ڀريل هيروئن هٿ ڪري ورتي. شروعاتي جاچ ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٻڌايو ويو آهي ته ڪنٽينر هڪ خانگي ڪمپني طرفان بڪ ڪيو ويو هو . گرفتار جوابدار کي اي اين ايف ٿاڻي تي منتقل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
-
ڪراچي ۾ شهري کان ڦر جي ڪوشش، ٻن ڦورن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ڪورنگي نمبر 5 ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ شهري ۽ عوام جي تشدد سبب 2 ڦورو مارجي ويا. مارجي ويل ڏوهاري شهري کي ڦر ڪري فرار ٿي رهي؛ جي هئا تفصيل موجب عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حد ڪورنگي نمبر 5 وٽ جوابدارن شهري کي ڦر جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. پوليس موجب زخمي ٿيل چور پنهنجي ساٿين سميت فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته شهرين ڦورن جو گھيرو ڪري تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو ، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدارن کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو فوت ٿي ويا . مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ اصغر جي نالي سان ٿي آهي، جوابدار شڪارپور مان ايل ٽي وي لائسنس به حاصل ڪيو هو ، جڏهن ته ٻئي ڦورو جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.