گنڊاپور جي رمارڪس تي صحافي سراپا احتجاج، معافيءَ جو مطالبو

ڪراچي/ اسلام آباد/ لاهور(رپورٽر) ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي صحافين ۽ صحافتي تنظيمن   خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صحافي عورتن بابت  بدسلوڪي وارن رمارڪس جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته علي امين گنڊاپور پنهنجي نامناسب لفظن تي معافي وٺي. ڪراچي پريس ڪلب جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پنهنجي بيان ۾ چيو  ته علي امين گنڊاپور اسلام آباد جي ريلي ۾ صحافين بابت انتهائي نامناسب ڳالهه ٻولهه ڪري مٿن سنگين الزام هنيا ۽ ڌمڪيون ڏنيون. سندس لفظ وڏي وزير جي عهدي جي شايان نشان ناهن. علي امين گنڊاپور ۽ تحريڪ انصاف جي قيادت کي گهرجي ته اها  صحافين خلاف اهڙي قسم جي زبان استعمال ڪرڻ تي  معافي وٺي، جيستائين هو معافي نه وٺندا سندن پروگرامن جو ميڊيا بائيڪاٽ ڪندي. راولپنڊي، اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) پڻ علي امين گنڊاپور جي  بدسلوڪيءَ وارن رمارڪس جي مذمت ڪئي. هوڏانهن لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير معافي نه ورتي ته سندس ميڊيا ڪوريج جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو،ٻئي پاسي عورت فائونڊيشن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پاران صحافي عورتن خلاف  نامناسب لفظ ڳالهائڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي. عورت فائونڊيشن جي بيان موجب ڪي پي جي وڏي وزير جي زبان ڌمڪين واري هئي، هن اخلاقي زوال جو ثبوت ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.