پي ٽي آءِ قيادت علي امين جي جلسي ۾ ڪيل خطاب تي ناراض

پشاور ( م ڊ )  پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي تقرير ۽ بيانن تي ناراض آهي.ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور 2 ڏينهن اڳ سنگجاني جي جلسي ۾ غير ضروري ڳالهه ٻولهه ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور جي خطاب ۾ سنجيدگي ۽ پارٽي پاليسي نه هجڻ سبب پارٽي قيادت ناراض آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور جي خطاب ۾ سنجيدگي ۽ پارٽي پاليسي نه هجڻ سبب پارٽي قيادت ناراض آهي. قيادت جو موقف آهي ته علي امين گنڊاپور پارٽي جي قيادت کي اعتماد ۾ وٺي، ذريعن موجب ميمبرن پارٽي قيادت کي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي علي امين گنڊاپور خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.پارٽي قيادت موجب ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صحافين سميت ٻين ادارن کي به تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.