ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالتڪارساز حادثي ڪيس جي جوابدار نتاشا جي منشيات واري ڪيس ۾ ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جوابدار جي وڪيل سيڪشن 11جي حوالي سان عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو، جوابدار جي وڪيل پاران رت ۽ يورين جي نموني کي غيرمحفوظ رکڻ واري دعويٰ به غلط ثابت ٿي آهي. عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته سٺي سوسائٽي سان تعلق رکڻ باوجود نتاشا نشي جي حالت ۾ ڪار هلائي رهي هئي نشي جي حالت ۽ بنا لائسنس جي گاڏي هلائڻ ڏوهه آهي، نتاشا جي ڏوهه جي ڪري 2 شهري حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا. ٻئي پاسي جوابدار نتاشا جي وڪيل جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي فيصلي کي سيشن ڪورٽ اوڀر ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، سيشن ڪورٽ جوابدار نتاشا جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ايڊيشل سيشن ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏي.