ٺٽو(ڊر)ڪراچي ناگوري ۾ مال جي واڙي تي مزدوري ڪندڙ ٺٽي واسي نوجوان امير شورو ولد علو شورو کي گذريل 2 ڏينهن اڳ نامعلوم جوابدارن قتل ڪري سندس لاش جهنگ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي مقتول امير شورو جي ڀاءُ بابو شورو ۽ ٻين لاش وصول ڪري گڏاپ ٿاڻي تي نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ امير شورو جو مري بلوچ ۽ جوکين جي ماڻهن سان تڪرار ھلندڙ ھو، خدشو آهي ته انهن ئي ڀاءُ کي دوکي سان گهرائي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. ھنن مطالبو ڪيو آهي ته ڀاءُ جي قتل جي اعليٰ سطحي جاچ ٽيم جوڙي قاتل ترت گرفتار ڪيا وڃن.