نوشھرو فيروز /مٺياڻي(نمائندن وٽان) نوشھرو فيروز ڀرسان ڳوٺ غازي خان مشوري ۾ گھر واري کي طلاق ڏيڻ تان سالن ۽ ڀيڻيوي ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب فوجي رمضان مشوري مارجي ويو، مقتول جي ڀاءُ ٻڌايو ته اصغر، ارشد، زاھد ۽ سالار مشوري منھنجي ڀاءُ رمضان کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.