سمي دين بلوچ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل، هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وائيس آف بلوچ مسنگ پرسن جي جنرل سيڪريٽري سمي دين بلوچ پنهنجو نالو اي سي ايل  ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست ڏئي ڇڏي آهي. درخواستگذارڻ پنهنجي موقف ۾ چيو ته گذريل ڏينهن مائٽ کان ملڻ عمان وڃي رهي هئس ته مون کي ايف آءِ اي ايئرپورٽ تي روڪي ڇڏيو هو.جڏهن ته ايف آءِ اي منهنجو پاسپورٽ به پاڻ وٽ رکي ڇڏيو. ايف آءِ اي منهنجو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت لکت ۾ ڪجهه به نه ٻڌايو آهي. منهنجو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.