ڪوئيٽا (م ڊ)ڪوئيٽا جي علائقي قمبراڻي روڊ تان گم ٿيل جهانزيب بلوچ جي بازيابيءَ لاءِ سندس وارثن روڊ تي عدالت لڳائي ڇڏي. گم ٿيل ماڻهن جي ڪئمپ کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف روڊن کان ٿيندي ڪوئيٽا پريس ڪلب پهچي ميڙاڪي جي شڪل اختيار ڪري وئي. پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي ڪندڙ وارثن جو چوڻ هو ته درزڪو ڪم ڪندڙ جهانزيب بلوچ کي 3 مئي 2016 تي قمبراڻي روڊ تان گم ڪيو ويو هو. جهانزيب بلوچ جي ڌيءُ معصومه بلوچ، واحد قمبر، گل محمد مري ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته جهانزيب بلوچ سميت گم ٿيل سمورن ماڻهن کي بازياب ڪيو وڃي.