اسلام آباد(آصف بشير چوڌري)حڪومت 1898ع جي ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر (سي آر پي سي )۾ تبديلين جو فيصلو ڪيو آهي،قانون واري وزارت تياريون جاري رکيو اچي،پهريون ڀيرو عام پاڪستاني لاءِ ڪجهه سٺو ٿي رهيو آهي،هاڻي ايف آءِ آر کان اڳ پي آءِ آر(پريلمنري انفارميشن رپورٽ)داخل ٿيندي،ڪنهن به الزام جي جاچ کانپوءِ ايف آءِ آر 24 کان 72 ڪلاڪن ۾ داخل ٿيندي،جاچ ۽ پراسيڪيوشن ۾ خامين سبب دهشتگرد آزاد ٿي ويندا آهن، هاڻي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ سان پهريون ڀيرو پراسيڪيوٽر به جڙي ويندو،جاچ آفيسر جاچ دوران هن سان رابطي ۾ هوندو، جيڪڏهن ايف آءِ آر 72 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به داخل نٿي ٿئي ته ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي رينڪ جي آفيسر کي ان جو سبب ٻڌائڻو پوندو،اليڪٽرانڪ گواهي جو سلسلو شروع ڪيو ويندو بعد ۾ گواهه پنهنجي بيان تان ڦري نه سگهندو، ڊسٽرڪٽ جج کي بااختيار بڻايو ويندو،مهذب دنيا وانگر جاچ دوران الزام هيٺ آيل شخص کي وڪيل سان ملاقات جي اجازت هوندي،اهي ترميمون قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيون وينديون.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 10 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو