بئريسٽر گوهر، شير افضل، شعيب شاهين گرفتار،علي امين گنڊاپور لاپتا

اسلام آباد (بيورو/ م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن شير افضل مروت ۽ شعيب شاهين کانپوءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر کي پارليامينٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو. ذريعن موجب اسلام آباد پوليس شير افضل مروت کي پارليامينٽ هائوس ٻاهران گرفتار ڪيو جڏهن ته شعيب شاهين کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شير افضل مروت گاڏي مان ٻاهر نه نڪتو ۽ گرفتاري وارنٽ طلب ڪري ورتا. کيس نئين قانون تحت قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ پوليس سان جهيڙي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين قانون موجب اجلاس ۾ موجود پنجاب جي قيادت خلاف ڪريڪ ڊائون جو امڪان آهي. اسلام آباد پوليس پنجاب پوليس کي باضابطا آگاهه ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف علي محمد خان پارليامينٽ هائوس مان نڪري ويو، پوليس کيس گرفتار نه ڪيو. اسلام آباد پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته عمر ايوب ۽ زرتاج گل کي به گرفتار ڪيو ويندو.  هوڏانهن  خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف الله خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي گرفتاري جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.    بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته علي امين گنڊاپور سان 3 وڳي ڳالهه ڪئي هئي، هن ٻڌايو ته هو اسلام آباد وڃي رهيو آهي ملاقات لاءِ، هاڻي سندس فون بند آهي ۽ ويجهن اسٽاف جا نمبر به ناهن.  بئريسٽر سيف الله چيو ته ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته چونڊيل وڏي وزير کي گرفتار ڪيو ويو؟ اهڙيون حرڪتون پي ٽي آءِ کي نه کٽي سگهن ٿيون، جمهوريت کي نقصان پهچندو. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو ته ٻڌايو وڃي ته سڄي پنجاب ۽ اسلام آباد کي ڇو بلاڪ ڪيو ويو؟ اسان سياسي ماڻهو آهيون، اسان 9 مئي جي پٺيان لڪي سياست نٿا ڪريون. سومر ڏينهن سينيٽ اجلاس دوران اسلام آباد ۾ جلسن ۽ جلوسن بابت منظور ٿيل نئين قانون تي بحث دوران شبلي فراز چيو ته  حڪومت ۾ شامل پارٽين ۾ حوصلو هجڻ گهرجي، توهان ڪي پي ۾ اچي جلسو ڪريو، توهان کي سموريون سهولتون فراهم ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پرامن ميڙاڪن جو قانون پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل آهي. جنهن تڪڙ ۾ قانون پاس ڪيو ويو، اهو اسان جي جلسي جي ڪري هو. هن چيو ته حڪومت وٽ ڪو پلان ناهي، رڳو عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. مسلم ليگ (ن) اڳواڻ عرفان صديقي چيو ته جيڪڏهن مارچ ڪرڻ وارن جو حق آهي ته اسلام آباد جي شهرين جو به حق آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.