انتظاميا ميهڙ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام، 3 ٻارڙيون ٻڏي فوت

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا)ميهڙ جي علائقي ۾ بيٺل برساتي پاڻي ۾ ٻن ڀينرن سميت 3 ٻارڙيون ٻڏي فوت ٿي ويون، گاهي مهيسر واري علائقي مختيار ڪالوني ۾ گهرن ڀرسان راند ڪندي 9 ورھين جي فاطمه کوسو،  سندس ڀيڻ 8 ورھين جي اقرا کوسو ڌيءُ رفيق کوسو ۽ 10 ورھين جي عديلا ڌيءُ ظھير کوسو ٻڏي فوت ٿي ويون، ٽنهي ٻارڙين جا لاش پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي ٻارڙين جي والدين رفيق کوسو ۽ ظھير کوسو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪالوني ڀرسان بيٺل برساتي پاڻي ۾ ٻارڙيون وھنجندي ٻڏي فوت ٿي ويون. واضع رهي تي برسات کي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميا پاران ميھڙ جي گاھي مھيسر ، حاصل کوسو ۽ باءُ پاس جي مختلف ڪالونين مان بيٺل پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آھي، برساتي پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري مختلف بيماريون پڻ وڌي ويون آھن ۽ برساتي پاڻي ۾ وھنجڻ دوران ٻارڙن جي ٻڏي فوت ٿيڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن، علائقي واسين پاران برساتي پاڻي جي نيڪالي جو پڻ مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.