گھوٽڪي (رپورٽ: محمد يوسف منگي)گھوٽڪي جي ڪچي جي رھواسي ڪرم سندراڻي کي پوليس سکر مان گرفتار ڪري ورتو، مختلف ڪيسن ۾ گھربل ڪرم سندراڻي کان پوليس نينگري پريا ڪماري بابت به جاچ ڪري آھي، ذريعن موجب ڪرم سندراڻي کي گرفتار ٿيل هڪ جوابدار جي نشاندهي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ امڪان آهن ته پريا ڪماري ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي.
-
شيخ حسينه کي ڀارت مان واپس آڻڻ لاءِ قانوني ڪارروائي شروع
ڍاڪا ( م ڊ ) بنگلاديش ڀارت کان حسينه واجد کي حوالي ڪرڻ لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب بنگلاديش جي انٽرنيشنل ڪرمنل ٽربيونل (آءِ سي ٽي) چيو آهي ته بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا کي ڀارت مان بنگلاديش واپس آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪالهه ٽربيونل جي چيف پراسيڪيوٽر چيو ته شيخ حسينه کي واپس آڻڻ لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ عوامي احتجاج تي حڪومت جي ڪريڪ ڊائون دوران سندس قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٽربيونل جي چيف پراسيڪيوٽر محمد تاج الاسلام چيو ته شيخ حسينه عوامي احتجاج دوران ”قتل عام“ جي الزام ۾ گهربل هئي.