ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا)ميهڙ جي علائقي ۾ بيٺل برساتي پاڻي ۾ ٻن ڀينرن سميت 3 ٻارڙيون ٻڏي فوت ٿي ويون، گاهي مهيسر واري علائقي مختيار ڪالوني ۾ گهرن ڀرسان راند ڪندي 9 ورھين جي فاطمه کوسو، سندس ڀيڻ 8 ورھين جي اقرا کوسو ڌيءُ رفيق کوسو ۽ 10 ورھين جي عديلا ڌيءُ ظھير کوسو ٻڏي فوت ٿي ويون، ٽنهي ٻارڙين جا لاش پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي ٻارڙين جي والدين رفيق کوسو ۽ ظھير کوسو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪالوني ڀرسان بيٺل برساتي پاڻي ۾ ٻارڙيون وھنجندي ٻڏي فوت ٿي ويون. واضع رهي تي برسات کي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميا پاران ميھڙ جي گاھي مھيسر ، حاصل کوسو ۽ باءُ پاس جي مختلف ڪالونين مان بيٺل پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آھي، برساتي پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري مختلف بيماريون پڻ وڌي ويون آھن ۽ برساتي پاڻي ۾ وھنجڻ دوران ٻارڙن جي ٻڏي فوت ٿيڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن، علائقي واسين پاران برساتي پاڻي جي نيڪالي جو پڻ مطالبو ڪيو آھي.