پروفيسر عابد مير سميت بلوچ شاگرد ۽ ليکڪ چوٿين شيڊيول ۾ شامل

ڪوئيٽا(م ڊ) بي ايس جي چيئرمين بالاچ قادر، مرڪزي سيڪريٽري جنرل صمد بلوچ، شڪور بلوچ، بيو بلوچ جي والد غفار قمبراڻي، عبدالستار ولد الهداد، مير بلخ شير ولد محمد شريف، اسسٽنٽ پروفيسر عابد مير، محمد نصار ولد خالد سميت ڪيترائي سياسي ڪارڪن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جا نالا فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ پروفيسر عابد مير جو چوڻ آهي ته ڪنهن هٿياربند تنظيم سان وابستگي جو الزام نه رڳو بي بنياد آهي پر اهو هڪ سرڪاري ملازم جي ڪيريئر ۽ پرامن شهري جي زندگي سان کيڏڻ جي برابر آهي. ان الزام کان پوءِ منهنجو خاندان، زال،  ٻار، والدين سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن.  گوادر ۾ بلوچ سوليڊريٽي ڪميٽي جي ڌرڻي کانپوءِ بلوچستان حڪومت دهشتگردي ايڪٽ تحت درجنين ماڻهن کي فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ شاگرد اڳواڻ، سماجي ڪارڪن ۽ صحافي به شامل آهن. اينٽي ٽيررازم ايڪٽ 1997ع موجب جيڪڏهن ڪا انٽيليجنس ايجنسي صوبائي حڪومت کي ڪنهن اهڙي شخص بابت اطلاع ڏئي ٿي جنهن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪنهن پابندي مڙهيل تنظيم سان لاڳاپو هجي ته ان کي فورٿ شيڊول جي واچ لسٽ ۾ رکيو ويندو آهي.بلوچ سوليڊريٽي ڪميٽي جي سربراهه ماهرنگ بلوچ بي بي سي کي ٻڌايو ته ”هن (فهرست) ۾ اسان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ حمايتين جا نالا شامل آهن. هن چيو ته هي اهو رويو آهي جيڪو رياست جو بلوچستان سان ڪڏهن به تبديل ناهي ٿيو. اهڙي ريت بلوچستان جا ماڻهو هاڻي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا آهن، انهن کي حراسان ڪيو پيو وڃي ته جيئن هو رياست لاءِ ڪم ڪن ۽ ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺن. هوڏانهن بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر مالڪ بلوچ چيو ته بلوچن کي زوري رياست مخالف بڻايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.