ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي سازش ايوان صدر ۾ ٿي: سردار رحيم

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سردار عبدالرحيم چيو  آهي ت سنڌ جي پاڻي جو حق ء ارسا ايڪٽ ۾ ترميم م سازشي فيصلو ايوان صدر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت جي رضامندي سان ٿيو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر واڳون وارا ڳوڙها وھائڻ کان بھتر آهي ته ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي سنڌ جي مفادن خاطر صوبي جي عوام سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيھن.

. پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي مفادن کي پنهنجي کيسن کي ڀرڻ خاطر وڪڻ ۾ مصروف آهن، سردار عبدالرحيم جو چوڻ هو ته جي ڊي اي سميت سنڌ دوست سياسي پارٽيون سنڌ دشمن منصوبن ۽ سازشون ڪھڙي به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينديون، سنڌ جي عوام پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن ۽ حڪمران پنهنجي عياشين ۽ سازشن ۾ مصروف آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.