هالا(ن ع آ) هالا ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ شاهه محمد ڏاهري جو رهواسي 45 سالا جاويد ولد محمد يعقوب ڊاهري جو ڳوٺ ڀرسان موجود زرعي زمين جي بورينگ واري ڪمري مان گوليون لڳل لاش هٿ اچڻ تي زمين تي پهتل مقتول جي وارث اهڙو اطلاع سندس گهرڀاتين ۽ ڳوٺاڻن کي ڪيو. جنهن تي سوين ڳوٺاڻا جاء واقعي تي پهچندي هالا پوليس کي لاش جي آگاهي ڏني هالا پوليس واقعي جي اطلاع تي فوري طور پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺندي کيس پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال هالا پهچايو جتي موجود ڊاڪٽرن پاران مقتول ٻه گوليون قريب کان هڻڻ سبب مقتول جي جسم جي مختلف ھنڌن مان ڇيرا نڪرڻ جو ٻڌايو. جڊهن مذڪوره واقعي تي مقتول جي ڀاء رضا ڏااهري جو چوڻ آهي ته سندس ڀاء راتجو پاڻي جي واري سبب ٻني تي ويل هو ۽ صبح جو گهر نه اچڻ هو ٻني تي پهتا ۽ ٻورينگ لڳل ڪمري جو در کولڻ تي سندس ڀاء جنهن جسم تي گولين جا نشان ۽ هو کين فوتي حالت ۾ مليو.هن چيو ته سندن ڪنهن سان به ڪا به دشمني ناهي هنن آء جي سنڌ.ڊي آء جي حيدرآباد. ايس ايس پي مٽياري کان انصاف جي گهر ڪندي واقعي ملوث قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. جڊهن ته فوتي جو لاش قانوني ڪاروائي مڪمل هجڻ بعد هالا پوليس لاش وارثن حوالي ڪيو .مقتول جاويد جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو ۽ مقتول جي ميت کي راتو دير سان سندس اباڻي قبرستان ڳوٺ شاهه محمد ڊاهري ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.