ڪراچي ۾ گذريل مهيني 5 هزار 960 واقعا رپورٽ ٿيا: سي پي ايل سي

ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سٽيزن پوليس رابطا  ڪميٽي (سي پي ايل سي) گذريل مهيني آگسٽ ۾ شهر قائد ۾ پيش آيل واقعن جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ جاري ڪئي. سي پي ايل سي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ گذريل مهيني 5 هزار 960 واقعا ٿيا، 23 گاڏيون بندوق جي زور تي ڦريون ويون جڏهن ته 150 گاڏيون چوري ڪيون ويون شهر جي مختلف علائقن مان 656 موٽرسائيڪلون چوري ڪيون ويون، جڏهن ته هڪ مهيني دوران چور شهرين کان 1737 موبائيل فون ڦري ويا، اغوا ڀنگ جا 3 ۽ ڀنگ جا 6 ڪيس رپورٽ ٿيا. ڪراچي ۾ دهلي، ڍاڪا ۽ تهران جي ڀيٽ ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، آءِ جي سنڌ جي دعويٰ 21 آگسٽ تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته ڪراچي هاڻي ڏوهارين جو پسنديده هنڌ ناهي رهيو ۽ هاڻي ڏوهارين جي ٽارگيٽ ڪلنگ شروع ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.