سنڌ حڪومت فقط ڪرپشن ۾ ترقي ڪئي آهي: محنتي

ڪراچي/ ٽنڊوآدم (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي زور ڏيندي چيو آهي ته سانوڻي جي تازن برساتن کان  متاثرين جي ڀرپور امداد ۽ فصلن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ سنجيده ۽ ڪرپشن فري قدم کنيا وڃن، الخدمت فائونڊيشن امانت ۽ ديانت سان بنا ڪنهن متڀيد جي انسانيت جي خدمت ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊوآدم ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران حراپبلڪ اسڪول ۾ برسات متاثرين ۾ امدادي سامان ورهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير عبدالغفور انصاري۽ الخدمت جو اڳواڻ راشد مڪرم پڻ موجود هئا. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته برساتن جي اڳواٽ اطلاع باوجود سنڌ حڪومت واهن جي صفائي، بندن جي مضبوطي لاءِ ڪي به قدم ڪونه کنيا جنهن جي ڪري وڏي پيماني تي فصلن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.