آصف زرداري خلاف گٿا لفظ استعمال ڪندڙ مٿان ڪيس داخل

حافظ آباد (م  ڊ) عدالت جي حڪم تي حافظ آباد پوليس صدر آصف علي زرداري لاءِ نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ تي جوابدا   خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.پيپلز پارٽي حافظ آباد جي ضلعي سيڪريٽري جنرل ۽ بار جي اڳوڻي صدر ايڊووڪيٽ محمد ارشد پاران سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو. ايف آءِ آر موجب، آصف علي زرداري جي سالگرهه جي تقريب راجا  چوڪ تي ملهائي وئي، تقريب دوران مقامي دڪاندار ذوالفقار  علي بٽ پاران صدر پاڪستان خلاف نازيبا الفاظ استعمال ڪيا ويا، ڪارڪنن پاران منع ڪرڻ تي دڪاندار هڪ ڪارڪن ثاقب کي پسٽل جا بٽ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.