بلوچستان کي ڦرڻ ۾ سڀ پارٽيون ۽ ادارا هڪ پيج تي آهن: اختر مينگل

ڪراچي (م ڊ) بي اين پي ايم سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته هو استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ هاڻي اسيمبلي ۾ واپس نه ويندو ۽ سياست ۾ رهندو ۽ بلوچ قوم لاءِ سياست ڪندو. نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڊاڪٽر دانش کي انٽرويو ڏيندي سندس چوڻ هو ته جيڪي سياسي پارٽيون اقتدار ۾ آيون اسان هر پارٽي جو در کڙڪايو، اسان بلوچستان مسئلي جي حل لاءِ کين تجويزون ڏنيون، پارليامينٽ ۾ به بلوچستان مسئلي جي حل جا رستا ڏيکاريا، سپريم ڪورٽ تائين وياسين.  مسنگ پرسن جي آزادي، ملٽري آپريشن بند ڪرڻ، ڊيٿ اسڪواڊ جو خاتمو ۽ انساني حقن جي احترام سميت ٻيا نقطا رکيا ويا هئا. بلوچستان ۾ حالتن جون ذميوار سياسي قوتون آهن، هن نظام بلوچستان ۾ نفرت جو ٻج پوکيو. مان به وڏو وزير رهيس پر اسان کي برداشت نه ڪيو ويو، سچ ڳالهائڻ ڏوهه آهي. رياست ۽ سياسي پارٽين ۾ اهي شيون هڪ جهڙيون آهن ته بلوچستان جي معدنيات کي ڪيئن ڦريو وڃي، حقيقي نمائندگي کي ڪيئن  چٿيو وڃي ۽ هٿرادو قيادت کي ڪيئن آندو وڃي. پارٽيون، رياست ۽ جڊيشري ان ڳالهه تي سڀ متفق آهن، ملٽري آپريشن بند ڪرڻ جو اعلان ڪنهن ناهي ڪيو. بلوچستان ۾ ڪيترائي ڀيرا فوجي آپريشن ٿيا، اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ غيرآئيني ڪم ٿيندا آهن. سردار اختر مينگل جو چوڻ هو ته وڏن فيصلن ۾ اسان اعتراض ڪندا هئاسين ته اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ جو حق نه ڏنو ويندو هو. سوئي مان نڪرندڙ گيس به ضلعي ۾ ناهي پهچائي وئي، سي پيڪ سان به اهڙي ئي ترقي ٿيندي، سي پيڪ جي آڊٽ ڪري ڏسو. سي پيڪ جي نالي تي 65 ارب ڊالر ڪيڏانهن ويا؟ پاور پلانٽس، موٽرويز ٽنهي صوبن ۾ ٺاهيا ويا، بلوچستان ۾ هڪ ناهي ٺهيو، سولر پارڪ بلوچستان ۾ ناهن ٺاهيا ويا. ڏسڻو پوندو ته اتان جا ماڻهو دهشتگرد ڇو ٿين ٿا؟ اسلام ۾ هٿ جي بدلي هٿ، اک جي بدلي اک وٺڻ جو چيل آهي. معصومن خلاف هر دهشتگردي جي مذمت ڪريان ٿو. گهرو وزير محسن نقوي جي بيان بابت هن چيو ته ايس ايڇ او جي ذهنيت جي ماڻهو کي پي سي بي چيئرمين ۽ گهرو وزير بڻايو ويو ۽ ان وٽان اهڙن ئي بيانن جي اميد ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ڪاش اهو قومي دائرو هجي ها، اهو ته سرڪس جو دائرو آهي. هتي اها ڊوڙ آهي ته ڪير هنن جي هنج ۾ پهريان وڃي ويهي ٿو. انهن کي طاقتور بڻائڻ، ڇوٽ ڏيڻ سياسي پارٽين جو ڏوهه آهي. سندس چوڻ هو ته چڱائي جي اميد هجي ها ته استعيفيٰ ئي نه ڏيان ها، هاڻي واپس نه وينس، ويگو ۾ هٿ پير ٻڌي ويهاري کڻي پهچايو وڃي ته پوءِ ڪجهه نه ڪري سگهندس. هن پيغام ڏنو ته سڀني مسنگ پرسن کي بازياب ڪيو وڃي ۽ جيڪي کين اغوا ڪرڻ ۾ ملوث آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. مان نظام کان مايوسي ۽ بيزاري جو اظهار ڪيو آهي. هاڻي اها سياست ڪندس جيڪا ايندڙ نسل، بلوچ قوم ۽ سرزمين لاءِ فائديمند هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.