حڪومت جو سرڪاري ملازمن لاءِ لازمي ريٽائرمينٽ پيڪيج جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت ختم ڪيل وزارتن ۽ کاتن جي ملازمن لاءِ لازمي ريٽائرمينٽ پيڪيج متعارف ڪرائڻ جو  فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت 10 سالن تائين جي سروس رکندڙ پي ڊبليو ڊي جي ملازمن کي ريٽائرمينٽ جي عمر تائين رهيل مدي لاءِ ڏيڍ بيسڪ پگهار ماهوار جي حساب سان لمپ سمپ رقم ادا ڪئي ويندي. پي ڊبليو ڊي جي ملازمن ۽ ان کانپوءِ جن به وفاقي ادارن ۽ وزارتن جي ري اسٽرڪچرنگ ڪئي ويندي ان لاءِ 4 مختلف قسمن جي تجويزن تي سمريون غور هيٺ آهن، ناڻي وزارت پي ڊبليو ڊي جي ملازمن لاءِ تجويز ڪيل هائبرڊ سيورنس پيڪيج جي منظوري ڏني آهي.

  1. ڪراچي ۾ هفتي دوران7 ڏوهاري مارجي ويا، 30 کان وڌيڪ گرفتار ٿيا: پوليس جي دعويٰ

ڪراچي ( رپورٽر ) شهر ۾ ھڪ ھفتي جي دوران ڏوهن جي خلاف ڪاروائي دوران ضلعي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ 24 مقابلن ۾ 7 ڏوھاري  مارجي ويا ۽ 23 زخمين ڦورن سميت 30 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن وٽان 30 مختلف قسمن جا غير قانوني هٿيار ۽ 14 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون. ڪراچي جي ايسٽ، ويسٽ ۽ سائوٿ زونز ۾ پوليس گذريل هفتي دوران 944 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو. پوليس پاران منشيات خلاف هلندڙ مهم دوران مختلف علائقن مان 77 ڪلو 855 گرام چرس، آئس، ڪرسٽل، هيروئن ۽ لکين رپين جي 3 ڪلو 560 گرام آفيم هٿ ڪئي وئي.

  1. ڪراچي لڪي اسٽار ويجهو مبينا مقابلو، هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي رات صدر لڪي اسٽار ويجهو مبينا مقابلي بعد  صدر پوليس هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. زخمي جوابدار کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال نيو ويو، ايس پي صدر ماجده پروين موجب، جوابدار جناح برج تي شهرين کي ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي رهيا هئا. اطلاع ملڻ تي پوليس موبائيل جوابدارن جو پيڇو ڪيو ۽ لڪي اسٽار تي شاهين فورس کي اطلاع ڪيو ويو.

فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ شاهين فورس هڪ جوابدار 27 ورهين جي عامر پٽ عبدالغفور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.