ڪراچي ۾ شهري جي قتل ۾ زال ملوث نڪتي، گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ملير ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي شهري جي قتل ۾ ملوث مقتول جي زال ۽ سندس چاهيندڙ کي گرفتار  ڪري غير قانوني هٿيار هٿ ڪري ورتو آهي. پوليس موجب جوابدار خانگي بلڊ بئنڪ ۾ ملازم آهي، مقتول جي گهرواري سان شادي ڪرڻ چاهي پيو، جنهن مقصد سان هن مقتول کي ڦر مزاحمت دوران قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. مقتول جي زال  سدرا جي موبائيل فون تان معاملي جو ڀانڊو ڦاٽي پيو. جوابدار ڪاشف چيو ته مقتول جي گهرواري سان لاڳاپا آهن، اعتراف بعد پوليس مقتول جي زال کي به گرفتار ڪري ورتو.

  1. تحريڪ انصاف بئريسٽر سيف جي بيان تي وضاحت ڪري: اسلم غوري

اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي ترجمان اسلم غوري چيو آهي ته بئريسٽر سيف جو بيان گهٽ ذهنيت جي نشاني آهي، تحريڪ انصاف کي بئريسٽر سيف جي  بيان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر سيف جي بيان تي ردعمل ڏيندي اسلم غوري چيو ته جي يو آءِ پنهنجي طاقت سان تحريڪ هلائي رهي آهي. هن چيو ته مينار پاڪستان جي تاريخي جلسي بئريسٽر سيف ۽ سندس آقائن جي پيرن هيٺان زمين ڪڍي ڇڏي آهي. بئريسٽر سيف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي اسلم غوري چيو ته تحريڪ انصاف کي اهڙن بدزبان ماڻهن کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ کي اڳتي وڌڻ کان اڳ اهڙن عنصرن جو خاتمو ڪرڻو پوندو.

  1. ڀارتي ۽ افغاني ماڻهن تي ٻڌل انساني اسمگلنگ گروهه گرفتار

لاهور (م ڊ) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عالمي گروهه کي پڪڙي ورتو. ايف آءِ اي لاهور سرڪل ڳجهن ادارن  جي نشاندهي تي انساني اسمگلنگ جو عالمي نيٽ ورڪ سڳ سوڌو پڪڙي ورتو.  هي نيٽ ورڪ اٻوجهه ماڻهن کي پرڏيهه ۾ نوڪريون ڏيڻ بهاني ڦري رهيو هو ۽ ڪروڙين رپيا ڦٻائي چڪو هو. هي گروپ جعلي دستاويزن ٺاهي رهيو هو ۽ سندن پنهنجي پرنٽنگ پريس هئي. مختلف ملڪن ۾ سياسي پناهه وٺڻ وارن ماڻهن جا به هن گروهه سان رابطا رهيا. جاچ دوران پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارتي سازش جو به انڪشاف ٿيو. ڀارتي ۽ افغاني شهري ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.