فيض حميد عمران خان خلاف واعدا معاف گواهه بڻجي سگهي ٿو: خواجا آصف

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف پي ٽي آءِ باني عمران خان جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ هلائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.  هڪ انٽرويو ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ماضي ۾ به فوجي عدالتن  ۾ ٽرائل ٿيندا رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ به فوجي قانون تحت ٽرائل ٿي سگهن ٿا. ملٽري قانون تحت ماڻهن جو ٽرائل ڪري سگهجي ٿو، عمران خان خلاف شاهديون فوجي ٽرائل طرف وڃي رهيون آهن، ڏينهون ڏينهن واضح ٿي رهيو آهي ته سندس ٽرائل اتي ئي ٿيندو.  خواجا آصف چيو ته باني پي ٽي آءِ بابت جاچ ڳجهي آهي، مون وٽ پهچ ناهي، هن چيو ته جنهن شهر ۾ مظاهرا ٿيا اتي فوج کي نشانو بڻايو ويو، اها اهم ڳالهه اسان کي ٻڌائي ٿي ته ڪجهه ماڻهو اندر کان هدايتون ڏئي رهيا هئا، انهن مظاهرن بابت عمران خان جون هدايتون ضرور هيون. بچاءَ واري وزير چيو ته جنرل (ر) فيض کي به پي ٽي آءِ باني وانگر اقتدار وڃائڻ جو افسوس هو،هن چيو ته فيض حميد آرمي چيف ٿيڻ پئي چاهيو، سندس نالو لسٽ ۾ هو، ان حوالي سان هن مسلم ليگ ن جي قيادت سان به رابطو ڪيو هو، هن يقين ڏياريو ته جيڪڏهن توهان کيس آرمي چيف بڻائڻ جي حمايت ڪندا ته مان ايمانداري سان ڊيوٽي ڪندس، هن ان حوالي سان ڪجهه ضمانتون پڻ ڏنيون. خواجا آصف چيو ته جنرل (ر) فيض جو تعلق پي ٽي آءِ باني ويجهي جو رهيو آهي، لڳي ٿو فيض حميد سڄو ملبو عمران کان مٿان وجهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.