سياستدان ذاتي ويڙهه ۾ پورا آهن، ايندڙ سال ڪڻڪ نه ٿيندي\پاڪستان هاري اتحاد

لاهور (م ڊ) پاڪستان هاري اتحاد جي مرڪزي صدرخالد محمود کوکر چيو آهي ته ڪپهه جي پيداوار ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي ٿي چڪي آهي، سياستدانن وٽ ذاتي ويڙهه کانسواءِ ٽائيم ئي ناهي، ممڪن آهي ته ايندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار نه ٿئي ۽ ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻو پئجي وڃي، زراعت مان ئي  عوام کي ماني ملي رهي آهي، زراعت خراب ٿي وئي ته ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻو پوندو، ملڪي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي. حڪمرانن پاران رڳو حڪومت بچائڻ  ۽ اقتدار ۾ اچڻ جي جنگ هلي رهي آهي، زراعت کي بچائڻ لاءِ ڪير به سنجيده ناهي، هن وقت دنيا موسمياتي تبديلين کي منهن ڏئي رهي آهي، موسم تبديل ٿيڻ سبب زرعي پيداوار تمام گهٽ ٿي وئي آهي، فصل کي اگهه نه ملي رهيا آهن، آبادگار طبقو فاقا ڪاٽڻ تي مجبور ٿي خودڪشيون ڪري رهيو آهي ۽ سياستدان پنهنجي سياست ۾ مصروف آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.