وزيراعظم سموري ملڪ ۾ پوليو مهم جي باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ملڪ ۾ پوليو مهم جو افتتاح ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي پيشانيءَ تي پوليو جو داغ ختم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي ڪم ڪندي.وزيراعظم ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري سڄي ملڪ ۾ پوليو مهم جي باضابطه شروعات ڪئي.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ اسان هتي پوليو مهم شروع ڪئي آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته اسان جي مهم هڪ تمام قابل ٽيم جي نگراني ۾ شروع ڪئي پئي وڃي ۽ مون کي پوري اميد آهي ته وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ صوبن سان سهڪار ڪندي ۽ پاڪستان جي پيشاني تي پوليو جو داغ هميشه لاءِ ختم ڪنداسين ، هن چيو ته اميد آهي ته هي مرض پاڪستان جي سرحدن تان هميشه لاءِ هليو ويندو ۽ ٻيهر ڪڏهن به واپس نه ايندو.هن چيو ته اسان جي پوليو ٽيم، پوليو اهلڪارن خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي سيڪيورٽي جو مسئلو آهي، اتي سيڪيورٽي اهلڪارن سان گڏجي هن مهم جا اثرائتو نتيجا سامهون آڻيندا ۽ ايندڙ مهينن ۽ سالن ۾ اهو ختم ٿي ويندو.شهباز شريف پوليو ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته اوهان سڀني جي گڏيل ڪوششن سان ان چيلينج کي موثر نموني سان منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين ۽ ٻيهر پوليو پاڪستان جي سرحدن تي اڀري نه سگهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.