عمران جي ڪري ئي ملڪ ۾ ڏڦيڙ جي سازش ٿي رهي آهي: احسن اقبال

نارو وال ( م ڊ ) پاڻي ۽ توانائي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان 4 سال پنجاب ۽ مرڪز ۾ حڪومت ڪئي، اسرائيل چئي رهيو آهي ته عمران خان ئي اسان جا معاملا صحيح ڪري سگهي  ٿو، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي ڪري ئي ملڪ ۾ ڏڦيڙ جي سازش ٿي رهي آهي، حڪومت سازش ۽ فوج دهشتگردي خلاف وڙهي رهي آهي، هن چيو ته اسان جنگ کٽي ٻيهر ملڪ کي ترقي ڏيارينداسين ،.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني پنجاب ۾ عثمان بوزدار ۽ پرويز الاهي کي چونڊي ڪري وڏو وزير بڻايو، عمران خان پنهنجي 4 سالن جي دور ۾ سياسي مخالفن کي صرف گارين کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪم نه ڪيو، مونکي ڪوڙي ڪيس ۾ عمران خان جيل اندر رکيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.