خيرپور ۾ ڪاروڪاري الزام هيٺ نوجوان قتل

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)اڪانامڪ زون ٿاڻي جي حد ڪارو ڪاري الزام هيٺ نامعلوم ھٿياربندن  جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، عورت زخمي ٿي پيا  زخمي ۽ مقتول جو لاش پوليس پاران اسپتال منتقل ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور جي اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ٽنڊو نظر علي ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان خالد ڦلپوٽو کي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ عورت پڻ سخت زخمي ٿي پئي آھي جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ويو آهي جڏھن ته پوليس جو چوڻ آهي ته اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽنڊو نذر علي ۾ واقعو پيش آيو آهي ۽ واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو ۽ ھٿياربندن جي جاچ ڪري رهيا آھيون جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.