گڊو( ن ع آ ) گڊو ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند راند کيڏندڙ نينگر کي اغوا ڪري ويو، وارثن پاران سندس بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، بخت پاڙي مان هٿياربند 4 ورهين جي نينگر محمد علي پٺاڻ کي اغوا ڪري فرار ٿي ويو، واقعي خلاف نينگر جي وارثن ۽ شهرين جو ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي مظاهرين چيو جوابدار ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائيڪل تي نينگر کي اغوا ڪري فرار ٿي ويو، پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، واقعي بعد وڏي انگ ۾ علائقي واسي گڏ ٿي ويا ۽ سموري علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇائجي وئي، ٻئي پاسي مغوي جا وارث ۽ گڊو پوليس ڌاڙيلن جي پويان پويان رواني ٿي وئي ياد رهي ته پهرين به ڪيترائي ڀيرا گڊو ٿاڻي جي سامهون ڌاڙيلن طرفان ٻارن کي اغوا ڪرڻ جون وارداتون ٿي چڪيون آهن