سنڌ جا ماڻهو ڪارونجھر جي حوالي سان انتهائي حساس آهن: ذوالفقار شاھه

ڪراچي ( رپورٽر). پاڪستان آرٽ ڪائونسل ۾ سنڌ جي ھڪ سئو سورمن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ نامياري آرٽسٽ سحر شاھه جي ٺاھيل تصويرون جي ٻن ڏينهن جي نمائش ثقافت کاتي جي سھڪار سان ٻن ڏينهن واري نمائش جو افتتاح ڪالهه شام جو ثقافت کاتي جي وزير سيد ذوالفقار شاھ ڪيو ،  نمائش ۾ شاھه جي ستن سورمين جي تصوراتي پورٽريٽس سميت شاهھ عبدالطيف ڀٽائي،  ابراھيم جويو، شيخ اياز   فيصل ايڌي،  علڻ فقير، امداد حسيني،  سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو جا پورٽريٽ  نمائش ۾ موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير ذوالفقار  شاھه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سحر شاهھ مشھور آرٽسٽ آھي، ھن جي پينٽگ ۾ ھر ھنڌ اجرڪ کي اجاڳر ڪيو آهي ،  جيڪي سنڌ جا ھيروز آھن انھن جا پورٽريٽ لڳل آھن ھن چيو ته سمورن صوبن کي گڏجي ان قسم جي ھڪڙي نمائش ڪرڻ گھرجي،  انھي لاءِ سمورن صوبن جي ثقافت جي وزيرن سان ان حوالي سان ڳالهائيندس. هن وڌيڪ چيو سنڌ جا ماڻهو ڪارونجھر  جي حوالي سان حساس آهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ھو ته ڪارونجھر  جي ڪٽائي نه ٿيندي اهو ھيرٽيج  ڊڪليئر ٿي ويندو، ڪينجھر  ڍنڍ اسان وٽ آھي، کارسر بابت معدنيات اينڊ منرل کاتو کي کوٽائي کان جواب ڏنو ويندو. ذوالفقار علي شاهه چيو ته هاءِ  وي سنڌ حڪومت جي حوالي ناھي ڪيو پر روڊ اسان ٺاھيا آھن. ھن چيو ته ناپا سميت تاريخي عمارتن بابت ٽيڪنيڪل ڪميٽي وٽ مسئلا کڻي اچجن. صوبائي وزير چيو ته هن دفعي لاھوتي فيسٽول  مٺي ۾ نه پر گورک، ننگر ۾ ڪنداسين،  پوري ملڪ مان 10 لک ماڻهو ننگر پارڪر  ويا آھن، ڪراچي ۾ نيشنل ميوزيم جي حالت خراب آهي، مان اهو مسئلو ڪابينا جي اجلاس ۾ کڻي ايندس ۽ وزيراعظم کي ان ميوزم کي بچائڻ لاءِ  خط لکڻ لاءِ  وڏي وزير کي به چوندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.