خواجا آصف، عمران خان جي ملٽري ٽرائل جو اشارو ڏئي ڇڏيو

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف ملٽري ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ٽرائل جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته ملٽري ڪورٽ ۾ اڳ به ٽرائل ٿيندا رهيا آهن، اڳتي به ٿيندا رهندا، ملٽري قانونن تحت ماڻهن جو ٽرائل ڪري سگهجي ٿو، عمران خان خلاف شاهديون ملٽري ٽرائل ڏانهن وڃي رهيون آهن.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني بابت جاچ راز ۾ آهي، مون کي پهچ ناهي، سوال اهو آهي ته عمران خان فوجي هدفن تي احتجاج ڇو ڪرايو، جنهن شهر ۾ احتجاج ٿيو اتي فوج کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، اها بنيادي شئي اسان کي ليڊ ڪري رهي آهي ته اندر کان ڪجهه ماڻهو انهن کي ڊائريڪٽ ڪري رهيا هئا، ان احتجاج بابت لازمي طور تي عمران خان جون هدايتون هيون.
سندس چوڻ هو ته اقتدار وڃائڻ جو جيڪو افسوس پي ٽي آءِ باني کي هو، اهو جنرل (ر) فيض کي به هو، فيض حميد آرمي چيف بڻجڻ چاهيو، لسٽ ۾ سندس نالو هو، ان سلسلي ۾ هن ن ليگ قيادت سان به رابطو ڪيو، هن خاطري ڪرائي توهان آرمي چيف بڻائڻ جي حمايت ڪندئو ته مان وفاداري سان نڀائيندس، ان سلسلي ۾ هن ڪجهه ضمانتون به ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.