لاهور (ويب ڊيسڪ) انٽيليجنس ايجنسين جي نشاندهي تي ايف آءِ اي لاهور مان انساني سمگلنگ جو عالمي نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب نيٽ ورڪ شهرين کي ٻاهرئين ملڪ روزگار جو ڏٺو ڏئي ڦريندو هو، لاهور مان پڪڙيل گروهه جعلي دستاويز پنهنجي پرنٽنگ پريس ۾ ٺاهيندو هو، پرنٽنگ پريس ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا جعلي دستاويز تيار ڪيا ويندا هئا.
ترجمان ٻڌايو ته لاهور مان گرفتار نيٽ ورڪ جو انٽرنيشنل ڊنڪي گروهن سان به رابطي جو انڪشاف ٿيو آهي، مجرماڻي سرگرمين ۾ ڀارتي ۽ افغاني شهري ملوث آهن، جاچ دوران پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارتي سازش وائکي ٿي.
وڏي سازش وائکي، ڀارتي ۽ افغان شهرين جي مدد سان هلندڙ انساني سملگنگ جو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو
You might also like