راڻا ثناءُ الله، عمران خان کي اسرائيلي برانڊ قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان ۽ ان جي سياسي جماعت اسرائيلي سياسي برانڊ آهي.
پنهنجي بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته دي ٽائمز آف اسرائيل پاڪستان ۾ انقلاب ۽ تبديلي جي حقيقت کولي ڇڏي آهي ۽ ان انڪشاف کانپوءِ 9 مئي جي منصوباسازي جا سبب وڌيڪ واضح ٿي ويا آهن.
هن چيو ته فارن فنڊنگ ۽ سماجي خدمت جو مقصد پاڪستان جي نظرياتي سوچ ۽ پرڏيهي پاليسي تبديل ڪرڻ هو، نواز شريف کي اقتدار مان ڪڍڻ جي سڄي ڪهاڻي اسرائيلي اخبار جي مضمون ۾ سمجهه ۾ اچي ٿي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان اسرائيلي برانڊ آهي، جنهن کي اسلامي ٽچ ڏئي مقبول بڻائڻ جي منظم ڪوشش ڪئي وئي، اهي حقيقتون ظاهر ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ کي جلسن جي نه ٻڏي مرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.