اڄ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو، انتظام مڪمل

اسلام آباد/ پشاور(م ڊ) اڄ 8 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جو جلسي ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان تحريڪ انصاف پاران تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن پي ٽي آءِ جي خيبرپختونخواهه حڪومت اي، بي ۽ سي پلان تيار ڪيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻن فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن جي هدايت تي هن ڀيري اجلاس ملتوي يا رد نه ڪيو ويندو. ايمبولينس، بلڊوزر، ڪرين مشينن سميت سموري ضروري مشينري کي صوابي پهچائڻ جي هدايت ڪئي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي هر ميمبر کي 1000 کان 2000 ڪارڪنن جي شرڪت ڪرائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو ۽ سمورن اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پلان تي سختي سان عمل ڪن. ذريعن موجب خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنداپور ذاتي طور تي جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورا انتظام ڪري رهيو آهي. ڪارڪنن کي اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پاڻ سان گڏ پاڻي، ڪپڙو، لوڻ سميت ٻيون ضروري شيون گڏ رکن ته جيئن ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ شيلنگ جي امڪاني استعمال کان بچي سگهجي. ٻي پاسي پي ٽي آءِ باني عمران خان جو چوڻ آهي ته جلسي ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن.جڏهن ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته اڄ اسلام آباد ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، جيڪو 2 وڳي شروع ٿيندو، ڪوشش هوندي ته وقت تي ختم ڪريون، اسان قانون ۽ آئين موجب پنهنجو حق استعمال ڪري رهيا آهيون، جلسو پرامن هوندو، نه لانگ مارچ هوندو ۽ نه ڪو ڌرڻو هڻنداسين.جلسي گاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گوهر خان چيو ته جلسي جي اجازت ڏيڻ تي اسين انتظاميه جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته جلسو مهانگائي ۽ لاقانونيت خلاف هوندو، ملڪ ۽ عدليه جي آزادي لاءِ جلسي کان اڳ ئي جلسو شروع ٿي چڪو آهي. هوڏانهن راولپنڊي جي عدالت جلسي دوران ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ کان پوليس کي روڪي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.