عمر ايوب جي استعيفيٰ، سلمان اڪرم پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري مقرر

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن موجب سلمان اڪرم راجا کي پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، عمر ايوب استعيفيٰ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جون ذميواريون ۽ ڪيسن ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ سميت ٻيا سبب بيان ڪيا ويا آهن.عمر ايوب چيو ته هو وڏي ذميوارين سبب استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي پر پارٽي ورڪر جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهندو، اميد آهي ته پارٽي جي اهم عهدي تي ڪو ٻيو به بهتر فرض سرانجام ڏئي سگهي ٿو، هن پنهنجي استعيفيٰ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته 22 جون تي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏني پر اها قبول نه ڪئي وئي، عمران خان جو شڪر گذار آهيان جو استعيفيٰ قبول ڪئي.ٻي پاسي تحريڪ انصاف جي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن کي عهدي تان هٽائڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب باني چيئرمين عمران خان رئوف حسن کي پي ٽي آءِ جي اطلاعات واري سيڪريٽري جي عهدي تان هٽائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ ۾ سيڪريٽري جنرل جي استعيفيٰ کانپوءِ هڪ ٻيو اهم عهدو خالي ٿيڻ وارو آهي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سيڪريٽري جنرل جي مقرري کانپوءِ اطلاعات واري سيڪريٽري کي تبديل ڪيو ويندو.ذريعن موجب ڪجهه پارٽي اڳواڻن کي رئوف حسن تي بي اعتمادي هئي، هاڻي نئين سيڪريٽري اطلاعات لاءِ شيخ وقاص اڪرم جو نالو ٽاپ تي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.