فوج عمران خان جي ملٽري ٽرائل جو حتمي فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد (معظم فخر) جنرل (ر) فيض حميد خلاف جاري ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي جي آخري مرحلي تي عمران خان کي ملٽري تحويل ۾ ورتو ويندو ۽ پوءِ عمران خان خلاف ڪارروائي فوجي عدالتن ۾ هلائي ويندي. عمران خان جي سزا يقيني بڻائڻ لاءِ اهڙا ثبوت به سامهون اچي رهيا آهن. جي ايڇ ڪيو ۾ صلاح مشوري کانپوءِ اهو نتيجو ورتو ويو آهي ته عمران خان جو ملٽري ٽرائل ٿيندو. آرمي ايڪٽ جو سيڪشن ٽو ڊي ان ڳالهه سان اشارو ڪري ٿو ته ماڻهن کي ڀڙڪائي کين فوجي قيادت خلاف بيهارڻ وارا ماڻهو کڻي اهي سويلين هجن يا فوجي انهن خلاف ڪارروائي ملٽري ايڪٽ تحت ٿيندي. جي ايڇ ڪيو ان نتيجي تي پهچي چڪو آهي ته عمران خان خلاف ڪارروائي اڻٽر آهي ۽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف پڇا ڳاڇا ۾ عمران خان خلاف پڪا ثبوت سامهون اچي رهيا آهن.

  • جاچ دوران جنرل (ر) فيض حميد جي طبعيت خراب، ڊاڪٽرن جي ٽيم طلب

اسلام آباد (فخر دراني) جاچ دوران ڪيتري به وڏي شخصيت هجي ان کي مينٽل ٽارچر ڪيو ويندو آهي، ڀلي کڻي اهو وزيراعظم هجي ۽ جنرل (ر) فيض حميد سان به اهو طريقيڪار جاري آهي. پڇا ڳاڇا جي ان مرحلي تي جنرل (ر) فيض حميد ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ سڄي سڄي رات ننڊ ناهي ڪندو. ڪجهه ڏينهن سندس طبعيت به خراب ٿي پئي ته آرمي جي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم گهرائي وئي جنهن چڪاس ڪري ٻڌايو ته هو سخت ڊپريشن جو شڪار آهي ۽ کيس ڪجهه دوائون ڏنيون ويون آهن پر جاچ جو عمل تنهن هوندي جاري آهي ڇو ته گهربل اهم ڄاڻ فيض حميد ناهي ٻڌائي رهيو. ذريعن موجب ڊپريشن جو دورو پوڻ کانپوءِ هاڻي هو ٺيڪ آهي. جاچ ۾ ڪجهه بينڪ اڪائونٽ سامهون آيا آهن پر انهن جا تفصيل جنرل (ر) فيض حميد ناهي ٻڌائي رهيو. جنرل فيض حميد جي تحويل مان ڪجهه حساس فائل گم آهن جن بابت کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ سندس تحويل ۾ هڪ ڪمپيوٽر هوندو هو جيڪو پڻ گم آهي جڏهن ته 4 آءِ پيڊز پڻ گم آهن. جڏهن اهي شيون ۽ انهن ۾ موجود ڊيٽا هٿ ڪئي ويندي ته جاچ جو مرحلو مڪمل ٿي ويندو ۽ پوءِ سندس ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل شروع ٿي ويندو. جاچ دوران جيڪا ڄاڻ ملي رهي آهي ان کي چارج شيٽ جو حصو بڻايو پيو وڃي. ان مرحلي ۾ وڌيڪ 3 هفتا لڳي سگهن ٿا تنهن کانپوءِ کيس فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي پاسي جنرل (ر) فيض حميد سان لاڳاپيل ملٽري جي ماڻهن ۽ ٻين کي به پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو پيو وڃي. فيض حميد جي هڪ نائب قاصد رينڪ جي مائٽ ۽ مينجر رينڪ جي ٻن مائٽن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. جنرل فيض حميد جي ڀاءُ نجف حميد جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر هٿ نه اچي سگهيو آهي ۽ سندس آخري لوڪيشن ايبٽ آباد جي آئي آهي.

  • 9 مئي واقعي ۾ ملوث 34 ڄڻا شارٽ لسٽ، ملٽري ڪورٽ گهرائڻ جو امڪان

اسلام آباد (فخر دراني) 9 مئي واقعي بابت 34 ماڻهن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي جيڪي ماسٽر مائينڊ طور ڪم ڪري رهيا هئا ۽ سانحي جي منصوبابندي کان واقعي تائين ملوث هئا. پنجاب جي نگران حڪومت 9 مئي جي حوالي سان جاچ ڪاميٽي ٺاهي هئي، جاچ ڪاميٽي گڏ ڪيل ثبوتن جي بنياد تي 34 ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي جيڪي سازش ۾ جنرل فيض حميد سان رابطي ۾ هئا انهن کي فوري طور تي ٽرائل لاءِ گهرائي سگهجي ٿو. انهن 34 ماڻهن ۾ عمران خان، جنرل (ر) فيض حميد، مراد سعيد، ميان اسلم اقبال، شهريار آفريدي سميت ٻيا ماڻهو شامل آهن. آرمي خلاف بغاوت ۽ جنرل (ر) فيض حميد سان رابطن جا الزام ثابت ٿين ٿا ته عمران خان جو ملٽري ٽرائل ٿي سگهي ٿو. ان کي سويلين عدالتون به روڪي نٿيون سگهن. عمران خان کي اڊيالا جيل مان شفٽ ڪري ڪنهن ٻي سخت جيل ۾ منتقل ڪرڻ جو منصوبو آهي. ملٽري ٽرائل ۾ راولپنڊي جي هڪ ميس ۾ الزام پورا ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.