حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي آبادگارن ۽ قومپرستن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي سنڌ سڪائڻ جي سازش قرار ڏيندي چيو آھي تھ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سان ھڪ ئي ڌڪ سان سنڌو درياھھ جي پاڻي تي مالڪي وارو حق وڃائي ويھي رھنداسين، سنڌ جي نصيب ۾ رڳو بنجر زمينون ھونديون، ايس آءِ ايف سي ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي تي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون خانگي ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏيڻ واري فيصلي کي قبول نھ ڪيو ويندو، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ زمينن جي نيلامي تي اسيمبلين ۾ ويٺل سنڌ سان تعلق رکندڙ نمائندا خاموش ھجڻ سان گڏ ان سڄي عمل ۾ حصيدار آھن، جنھن جو کين سنڌ جي ماڻھن کي جواب ڏيڻو پوندو، اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي پاڻي تي سوديبازي کين مھانگي پوندي. اھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالھھ حيدرآباد جي مقامي ھوٽل ۾ سنڌ يونائيٽيڊ آبادگار فورم پاران ”زراعت بچايو، سنڌ بچايو“ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهھ خطاب ڪندي چيو تھ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون ٿي ويون تھ هڪ ئي ڌڪ ۾ اسان سنڌو درياهه جي پاڻي تي مالڪي وارو حق وڃائي ويهنداسين، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو مقصد نئين ڪمانڊ ايريا ٺاھڻ آھي. نوان ڪئنال ٺاھڻ وارو فيصلو ڪنھن بھ صورت ۾ قبول ناھي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي ۾ ڪيترائي منصوبا اچي وڃن ٿا، پر گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي تي وري نيون رٿائون آھن، ان ئي بنياد تي زراعت جي شعبي ۾ نيون سنڌ دشمن رٿائون آنديون پيون وڃن. هن چيو ته صدر زرداري 8 جولاءِ تي پاڻي جي معاملن تي غير آئيني گڏجاڻي ڪئي، گڏجاڻي ۾ 2 جنرل ۽ وزير داخلا کانسواءِ ڪجھھ ڪامورا ھئا، باقي ۾ ان گڏجاڻي ۾ پاڻي ۽ ناڻي وارو وزير بھ موجود نھ ھو، ارسا آئيني ادارو آهي جيڪو صدر ۽ وزيراعظم جي هيٺ نٿو هلي سگهي، ان ڪري آصف زرداري جيڪو 8 جولاءِ تي قدم کنيو آهي اهو غير آئيني آهي ۽ غير آئيني ڪم ڪندڙن کي گهر وڃڻ گهرجي. سنڌ جي نصيب ۾ رڳو بنجر زمينون رهنديون. سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهھ چيو ٻوڏ ۽ ڪورونا جي وبا دوران جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ جنهن شعبي جي سٺي ڪارڪردگي رهي اهو زراعت آهي، پر هتي زراعت جا فيصلا زراعت کان لاتعلق ماڻهو ڪري رهيا آهن. هن چيو تھ ٻڌو پيو وڃي تھ سنڌ حڪومت اهو سوچي پئي تھ ايندڙ سال ڪڻڪ جي سرڪاري سطح تي خريداري نھ ڪجي، جڏھن تھ چيو پيو وڃي تھ ڪڻڪ گودامن ۾ پيل آھي. ھن چيو تھ لائيو اسٽاڪ جو شعبو بھ اھم آھي، پر سڄي ۾ رڳو 4 کان 5 جانورن جون اسپتالون آهن، لائيو اسٽاڪ تي ڌيان نھ هجڻ ڪري کير ۽ گوشت جي پيداوار نٿي ٿئي،هن چيو ته پاڪستان ۾ سرٽيفائيڊ ٻج رڳو 48 سيڪڙو آهي، اسان کي بائيو ٽيڪنالوجي طرف وڃڻو پوندو، جيڪڏهن نھ وينداسين تھ اسان وٽ ٻج نھ رهندا. سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر چيو تھ سنڌ تي تمام ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌ کي برباد ڪندي، هي چون ٿا تھ گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي تحت 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي، پر هي ان کان گهڻو وڌيڪ زمين آباد ڪندا. هن چيو ته سنڌ جا نمائندا ئي اهو سنڌ دشمن فيصلو اسيمبلين ۾ قبول ڪري رهيا آهن، اهي اسيمبلي ميمبر ڪهڙو منهن کڻي سنڌ ۾ گهمندا؟. سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ اسلم مري چيو تھ ايندڙ وقت ۾ پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ ٿيندي، ارسا ايڪٽ ۾ تھ ترميمون ڪرڻ جون تھ ھاڻ سازشون ڪيون پيون وڃن، پر سنڌ ۾ ڏھاڪن کان پاڻيءَ جي کوٽ آھي. ايوان زراعت جي مرڪزي اڳواڻ نبي بخش سٺيو چيو تھ زراعت سان اهي ماڻهو ڇيڙڇاڙ ڪري رهيا آهن جن جو زراعت سان ڪو بھ واسطو ناهي، پاڙيسري ملڪ جي ڏيڍ ارب آبادي آهي، پر اتي ڏيڍ ارب ماڻهن کي خوراڪ ملي ٿي، زراعت وڌي رھي آھي ۽ ملڪ ترقي ڪري پيو. پنجاب سنڌ جو پاڻي کڻي وڃي ٿو، سنڌ ۾ هٿ سان ٻوڏ ڪرائي اربين رپين جو نقصان ڪرايو ويندو آھي، پر جيڪا ٻاهران جيڪا امداد ايندي آھي اها متاثرن کي ناھي ملندي، آبادگار مير امان الله ٽالپر چيو تھ سنڌ جي زراعت سنڌ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي وڏا اثر ڇڏي ٿي، ايس آءِ ايف سي جهڙي اداري جي اچڻ کانپوءِ خبر ناهي سنڌ جي زراعت جي ڪهڙي حالت ٿيندي، سنڌ جي پاڻي جي لاءِ ڪيتريون ئي رڪاوٽون اينديون. هن چيو تھ چشما جهلم لنڪ ڪئنال سنڌ جي زرعي پاڻي جي لاءِ پهرين آفت هئي، گريٽر ٿل ڪئنال جو پهريون فيز مڪمل ٿي ويو هاڻ گريٽر ٿل ڪئنال 2 شروع ٿي ويو آھي سنڌ مان سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جا چونڊيل ڪو بھ نمائندو ڪڇڻ جي لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته ارسا ۾ فيڊرل ميمبر سنڌ مان نٿو رکيو وڃي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ 91ع واري پاڻي ٺاهه جي ڪهڙي حيثيت رهندي. سنڌ يونائيٽيڊ آبادگار فورم جي صدر بشير شاهه چيو تھ زراعت کي سدائين نقصان پهچايو ويو آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جون زمينون بنجر بڻائي پنجاب جون لکين ايڪڙ زمينون آباد ڪيون وينديون. ارسا آئيني ادارو آهي، پر ان آئيني اداري سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي. پنجاب جي ڪڻڪ سنڌ ڏانهن اچي رهي آهي ڪير پڇڻ وارو ناهي، اٽي جو گهٽ نٿو ٿئي. رمضان ٻرڙو چيو تھ 10 ملين ايڪڙ پاڻي ڪوٽڙي بئراج کان ڊيلٽا ۾ وڃڻ گهرجي، پر اهو پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. جنهن جي ڪري ساليانو 30 هزار ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي، جڏهن تھ اسان جو ايڪو سسٽم خراب ٿي رهيو آهي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا، ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، انجنيئر دوست محمد بلوچ شگر ملن بابت ڳالهائيندي چيو تھ شگر مل ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سميت ڪنهن بھ شهر ۾ نٿي لڳي سگهي، پر ھاڻ ڪا بھ ايس او پي ناھي رھي، هر سياسي پارٽي پنهنجي حڪومت ۾ شگر ملن لاءِ پنهنجي ايجنڊا کڻي ايندي آهي. ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي تھ هاڻ ڪنهن بھ شگر مل کي پورو ڪمند نٿو ملي، 50 سيڪڙو شگر ملن جي هاڻ پاڪستان کي ضرورت ئي ناهي. باقي جيڪي شگر ملون بچنديون اهي ضرورت جيتري کنڊ پوري ڪري سگهن ٿيون ۽ ٻاهر موڪلي اربين رپيا ڪمائي بھ سگهجن ٿا. نواز علي نظاماڻي ٻجن بابت ڳالهائيندي چيو تھ 1976ع ۾ سيڊ ايڪٽ آيو، ان کانپوءِ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۽ پنجاب سيڊ ڪارپوريشن وجود ۾ آيون. هن چيو تھ انتهائي افسوس جي ڳالھھ آهي تھ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي پنجاب سيڊ ڪارپوريشن جهڙي ناهي. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور چيو تھ بدين جا ماڻهو ٻڏندا آهن يا وري اڃ مرندا آهن، بدين کي نيڪال جي جاءِ ٺاهيو ويو آهي، سم نالا پاڻي نيڪال ڪرڻ بجاءِ ماڻهن کي ٻوڙي رهيا آهن، فطري وهڪرن تي قبضا ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي چيو تھ ڪمند جي آبادگارن کي شگر ملن تباھھ ڪري ڇڏيو آهي. آبپاشي کاتو برباد ٿي چڪو آهي، اربين رپين جا ڪوڙا بل ٺاهي ڳڙڪايا ويا آهن، سم نالا ڪچري سان ڀريل آهن. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ عارف نياز آرائين چيو تھ اسان ڪڇڻ ڇڏي ڏنو آھي ان ڪري ملڪ جو سگهارو ادارو ايس آءِ ايف سي جهڙو ادارو ٺاهي ٿو. اسان جا ڪامورا ڪرپٽ ترين آهن. سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ سيد نديم شاھھ چيو تھ سنڌ کي سٺو ٻج نٿو ملي، ايندڙ وقت ۾ خوراڪ جي وڌيڪ کوٽ پيدا ٿيندي.سيمينار ۾ قراردادون پاس ڪندي چيو ويو آهي ته سنڌ کي 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي نقصان کان بچايو وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو ته صدارتي حڪم تحت ارسا ۾ ڪا به ردوبدل آئيني ۽ قانوني ڀڃڪڙي آهي ان ڪري اهڙي حڪم کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ٿو وڃي ته اهو حڪم نامو فوري طور واپس ورتو وڃي. هڪ ٻي قرارداد ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ زرعي تحقيق ۽ ان جو ابلاغ غير معياري آهي ان ڪري زراعت جي مختلف کاتن کي يڪجا ڪري هڪ عالمي معيار جو سيڪريٽريٽ ٺاهيو وڃي ۽ ان جي سيڪريٽريٽ تحت فصلن، چوپائي مال، ٻيلن ۽ ماهيگيري تي جديد تحقيق ڪري آبادگارن تائين پهچائي وڃي ته جيئن زراعت صنعت جو درجو حاصل ڪري سگهي. سنڌ ۾ موجود زرعي منڊيون ناڪافي ۽ ڪرپشن جي ورچڙهيل آهن. قرارداد ۾ گهر ڪئي وئي ته هر ننڍي وڏي شهر ۾ جديد طرز جون زرعي منڊيون قائم ڪيون وڃن هڪ قرارداد ۾ اهو به چيو ويو ته سنڌ ۾ سمنڊ ۾ چاڙهه جي ڪري شاخن ۽ واهن جي سيمي سبب ساليانو هزارين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر جي ورچڙهي وڃي ٿي. سامونڊي پاڻي کي روڪڻ، واهن ۽ شاخن جي سيمي تي ڪنٽرول ڪرڻ سميت زمينن کي هموار ڪرڻ جا جوڳا انتظام ڪري سنڌ جي زرعي زمين کي خراب ٿيڻ کان بچايو وڃي. ان مقصد خاطر ليفٽ بئنڪ ڊرين ۽ رائيٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين کي مرمت ڪري مڪمل ڪيو وڃي. سيمينار ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ زرعي ايڪو سسٽم جي بحالي لاءِ اپاءُ وٺندي سمنڊ ۾ گهربل مقدار ۾ دريائي پاڻي ڇڏيو وڃي. آبادگارن کي گذريل 50 سالن جي شگرسيس فنڊ جا تفصيلي انگ اکر ڏنا وڃن.