پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن، اهڙي چوڻي اهڙن ماڻهن لاءِ چئي وئي آهي جيڪي پاڻي جي آبي ذخيرن مٿان ويٺل آهن، جيڪي پاڻي جي هوندي ان نعمت کان محروم ڪيا ويا آهن، هونئن ته سنڌو درياهه بادشاهه طور تي سمجهيو، لکيو ۽ ڏٺو ويو هو، درياهه جي پاڻي تي انسانن جي غير واجبي ورڇ ۽ ڏاڍ مڙسي مڙهي وئي آهي جنهن سبب سنڌ واسين لاءِ پاڻي لاءِ هر طرف رڙ آهي، ٻوڏ ۽ برساتن واري ٽائيم کانسواءِ سنڌ پاڻي لاءِ هٿ وٺي بيابان ۽ بنجر بڻائي پئي وڃي.
هڪ اهڙو ئي واقعو گذريل ڏينهن گلشن حديد واري علائقي ۾ ڏسڻ ۾ آيو جتي پاڪستان اسٽيل مل انتظاميه پاران هن نجي ڪالوني کي پاڻي، بجلي، روڊ رستا ۽ نڪاسي آب جي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي جنهن عيوض الاٽيز ماضي ۾ گلشن حديد فيز 1، 2، 3 ۽ ايڪسٽينشن لاءِ 3 ارب روپين جي رقم ترقياتي ڪمن لاءِ ادا ڪري چڪا آهن، هي ادارو وفاق جي غير منصفاڻين پاليسين سبب هٿ وٺي بند ڪيو ويو، پاڪستان اسٽيل مل هن وقت ڏٻري مينهن کان به بدترين مالي بحرانن ۾ ويل آهي هن اداري جا سروسز کاتا پاڻي، بجلي، صحت، ٽرانسپورٽ، سيڪيورٽي ۽ تعليم کان وابسطه شعبا ڪم ڪري رهيا آهن، گلشن حديد فيز 1، 2، 3 ۽ ايڪسٽينشن کي گذريل هڪ سال کان پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسايو ويو آهي جيڪي باضابطه هر مهيني پاڻي جا بل ادا ڪري رهيا آهن.
2 ڏينهن اڳ علائقي جي سياسي، سماجي ۽ قانون جي شعبي سان سلهاڙيل فقير عبدالقادر شر جي گهر فوتگي ٿي وئي، فوت ٿيندڙ سندس نياڻو هو، فقير عبدالقادر شر علائقي جي مسئلن جي حل لاءِ گذريل 35 سالن کان نج انساني بنيادن تي فلاحي ڪم ڪري رهيو آهي هو گلشن حديد ۽ ملير جي هر مسئلي تي فرنٽ لائين تي نظر اچي ٿو، فقير عبدالقادر شر جي نياڻي جي غسل لاءِ به پڻ ظالم انتظاميه پاڻي نه ڏنو، مجبورن هن پنهنجي پياري جي غسل لاءِ نجي طور تي پاڻي جو ٽينڪر گهرائي مرحوم جون آخري رسمون ادا ڪيون.
اهڙي صورتحال جي خبر جڏهن سوشل ميڊيا ذريعي عام ٿي ته سماجي طور تي اسٽيل مل انتظاميه خلاف سخت ڪاوڙ ۽ جو اظهار ڪيو ويو. علائقي جي ايم پي اي محمد ساجد جوکيو ۽ ايم اين اي ڪيپٽن ڄام عبدالڪريم جوکيو بار بار پاڪستان اسٽيل انتظاميه کي پاڻي جي بحران کي ختم ڪرڻ ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج کي اسٽيل مل جو فلٽر پلانٽ ۽ واٽر نيٽ ورڪ حوالي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون، پر گذريل پنجن سالن کان پاڪستان اسٽيل مل جيڪا انتظامي نااهلي جو شڪار رهي آهي تنهن وٽ ڪنهن به قسم جي فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت يا پاور نه آهي.
اهڙي صورتحال ۾ گلشن حديد فيز 1، 2، 3 ۽ ايڪسٽينشن ۾ رهندڙ ڏيڍ لک کان وڌيڪ آبادي پاڻي جهڙي بنيادي سهولت نه هجڻ ڪري سخت اذيت جو شڪار آهي. عوام کي ٽينڪر مافيا جي ور چڙهايو ويو آهي جيڪي غير معياري ۽ مضر صحت پاڻي جي في ٽينڪر جي قيمت 10 هزار روپيا رکي آهي جيڪا عام ماڻهن جي رسائي کان گهڻي آهي، گلشن حديد واسين کي ان اذيت کان آزاد ڪرڻ لاءِ علائقي جي چونڊيل نمائندن تي اهو حق ٿو ٿئي ته هو پنهنجي حلقي واسين جي بنيادي سهوليت جيڪا پاڻي جي صورت ۾ آهي جنهن کي زندگي چيو وڃي ٿو تنهن جي رسائي ممڪن بڻائي وڃي ۽ پاڪستان اسٽيل مل انتظاميه جو قبلو درست ڪيو وڃي جنهن پاڻي جي مد ۾ رهواسين ڏي 6 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم رهتون ڄاڻائي آئي ڏينهن پاڻي بند رکڻ جا پڻ تحريري اعلان ڪيا آهن.
گلشن حديد واسين کي ترت بنيادي ضرورت پاڻي ڪراچي واٽر بورڊ کان مهيا ڪيو وڃي جنهن ۾ علائقي جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جو فقط هڪ ئي حڪم ڪافي آهي، پاڻي ۽ ٻين مسئلن تي تازو ھڪ اي پي سي پڻ ڪوٺائي وئي جنھن ۾ علائقي جي سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي ڀرپور شرڪت نظر آئي جن حديد ۾ پاڻي گيس سميت بنيادي سھولتن جي گھر ڪئي آهي.
گلشن حديد فيز 1، 2، 3 ۽ ايڪسٽينشن ۾ رهندڙ ڏيڍ لک کان وڌيڪ آبادي پاڻي جهڙي بنيادي سهولت نه هجڻ ڪري سخت اذيت جو شڪار آهي. عوام کي ٽينڪر مافيا جي ور چڙهايو ويو آهي جيڪي غير معياري ۽ مضر صحت پاڻي جي في ٽينڪر جي قيمت 10 هزار روپيا رکي آهي جيڪا عام ماڻهن جي رسائي کان گهڻي آهي،