تازه ترين سياسي صورتحال ۾ ملڪ جي سينيئر سياستدان چوڌري شجاعت حسين جو موقف سامهون آيو آھي ته سياستدان ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي قومي مفادن کي ترجيح ڏين.چوڌري شجاعت حسين ملڪ جو سينيئر سياستدان هجڻ سميت غيرتڪراري شخصيت جو مالڪ آھي.سدائين ملڪ جڏهن به سياسي طور يا ڪنهن ملڪي بحران جو شڪار ٿيو آھي ته چوڌري شجاعت جهڙا ڪردار هميشھ اڳيان وڌي آيا آھن. هن وقت جڏهن ملڪ جتي سياسي طور انارڪي ۽ انتشار جو شڪار آھي اتي ملڪ جي معاشي صورتحال به ڪا بهتر ڪونه آھي.اهڙي حالت ۾ رياست جا اهي ادارا جن تي رياست پنهنجو پاڻ مستحڪم سمجهندي آھي سي پڻ ڄڻ ته غير فعال ٿي چڪا آھن.حيرت جي ڳالھه اها آھي ته سياست جتي ڪنهن به اقتداري يا سياسي رساڪشي جو شڪار ته آھي ئي آھي پر جڏهن اوهان رياستي ادارن کي ويجهڙائيءَ کان ڏسندا ته اهي به بجاءِ بهتر ڪردار ادا ڪرڻ جي سياست جو حصو ٿيا بيٺا آھن.انهن ۾ اوهان پارليامينٽ کان عدليه ۽ عدليه کان اسٽيبلشمنٽ کي ٻاهر نٿا ڪڍي سگهو.
ملڪي توڙي صوبائي ادارن جي اعلي اختيارين کي ڏسو ۽ اتي انهن جي انتظامي ڪارڪردگيءَ کي ڏسو ته حيرت ۾ اچي ويندا.ادارتي ڇڙواڳي ۽ بد انتظامي سرگرمين سبب ادارا ڪرپشن جي ور چڙھي ويا آھن.دنيا جي رياستن ۽ اتي قائم حڪومتن جو سمورو وهنوار ۽ ڪارونهوار رياستي ادارن جي فعاليت ۽ بهتر ڪارڪردگيءَ تي هوندو آھي!پر افسوس جو اسان جي رياستي ادارن جي فعاليت کي چڪاسبو ته فعاليت ڪٿي به نظر ڪونه ايندي.ان جو سبب آھي ته پوءِ غير فعاليت جو نتيجو ڪنهن قومي ۽ رياستي نقصان برابر پڻ آھي.
جيڪڏهن ايئن آھي ته پوءِ ملڪ جي ۽ صوبن جي اهم ادارن جي ڪارڪردگي ۽ اتي ويٺل سربراهن ۽ وزيرن ڪبيرن جي ڪارڪردگي ڏٺي وڃي ته سڀ ڪجهھ سامهون اچي ويندو.ان نتيجي جي صورت انتهائي ڀيانڪ نتيجا ڏئي سگهي ٿي.ڏٺو وڃي ته اهو سڀ ڪجهھ هاڻي ڪونه ٿي رهيو آھي،بلڪه اهو هڪ وڏي وقت کان ٿيندو رهيو آھي ۽ ٿيندو رهي ٿو.جنهنڪري اڄ اسان ان قومي بيماريءَ جو شڪار ٿي ويا آھيون،جنهن اسان جا قومي ادارا بجاءِ بهتر ۽ فعال رکڻ جي غير فعال ڪري نيلام ڪرڻ جي ڪنڌي اچي بيهاريا آھن.ان پويان سمجهون ٿا ته جتي پنهنجا هٿ ملوث آھن اتي پرڏيهي سازشون به شامل آھن. اهڙي قسم جي هن صورتحال ۾ گذريل ڏينهن يوم دفاع جي موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير چيو آھي ته سياسي اختلافن کي نفرتن ۾ تبديل نه ڪيو وڃي.جڏهن ته ان موقعي تي ملڪ جي وزير اعظم شھباز شريف چيو آھي ته پاڪستان اسان سڀني جو آھي ۽ ان جي سلامتءَ ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ سڀني جي ذميواري آھي.اهڙو ئي هڪ بيان صدر مملڪت آصف علي خان زرداري ڏنوآھي ته پاڪستان جي خوشحالي،امن،خودمختياري ۽ استحڪام جو هر قيمت تي دفاع ڪيو ويندو.ڪجهھ ڏينهن اڳ صدر مملڪت آصف خان علي زرداري ايوان صدر مان هڪ بندوق تحفي طور جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمان ڏانهن کڻي ويو ھو.ان ملاقات کان پوءِ فوري طور مولانا صاحب جو چوڌري شجاعت حسين سان ملڻ سياسي طور ڪنهن ڳجهھ کان خالي نه هو نه آھي.ان جي نتيجي ۾ چوڌري شجاعت جو سياسي طور سرگرم ٿي سامهون اچڻ ۽ جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمان جو پارليامينٽ تائين پهچڻ ۽ اتي مختصر پر وڏو اهم خطاب ڪرڻ هڪ نئي سياسي فارمولي جو ڏس ڏئي ٿو.
پاڪستان جتي عالمي طاقتن جي اقتصادي ۽ علائقائي مفادن جو شڪار آھي اتي ملڪي طور سياسي انارڪيء ۽ انتشار جو به شڪار ٿي پيو آھي.ان جي نتيجي ۾ ملڪ بجاءِ سياسي طور مضبوط ٿيڻ جي وڃي ٿو غير مستحڪم ٿيندو.نتيجي ۾ ملڪ جي جيڪا معاشي صورتحال بهتر ٿيڻ جي خراب پئي ٿئي.ان جي نتيجي ۾ ملڪ جو سرمائيدار طبقو پنهنجو سرمايو ۽ پنهنجي صنعت کي پرڏيهھ خاص طور بنگلاديش ۽ دبئي ابوظھبي شفٽ ڪرڻ تي مجبور آھي.ان جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا سي ته عوام کان وڌيڪ ملڪ جو حڪمران ۽ ادارتي سربراھ بهتر ڄاڻن ٿا.
هاڻي هن صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ملڪ جي قومي سياسي قيادت ۽ رياستي ادارتي سربراھن جي گڏيل بيٺڪ ٿيڻ ضرور آھي.جنهن لاءِ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ملڪ جو سينيئر سياستدان چوڌري شجاعت حسين ڪوششن ۾ رڌل آھي.هن وقت به ملڪ جي هڏ ڏوکي ۽ همدرد سياسي قيادتن کي ملڪ جي تڪليفن جو جيترو به احساس آھي اهو ضرور هوندو.پر هي موجوده ملڪي سياسي ۽ معاشي ڪمزور حالتون ٻڌائن ٿيون ته سڀني کي گڏجي چوڌري شجاعت حسين واري ڳالهھ ته (ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻي پوندي).جيڪڏهن هن وقت به ايئن نٿو ٿي سگهي ته پوءِ قومي،رياستي ۽ سياسي توڙي ادارتي نقصان ڪنهن قومي نقصان کان گهٽ نه هوندو.ان سلسلي ۾ ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته ملڪ ۽ رياستي ادارن جي غير فعاليت تي ڪنٽرول ڪري فعال بڻايو وڃي.ادارن جي ڊائون سائيزنگ ۽ رائيٽ سائيزنگ جي جاءِ تي انهن کي مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آھي.
قومي ادارن مثال طور پاڪستان اسٽيل ملز ،پي آءِ اي ۽ ريلوي جي نجڪاري فوري طور روڪي انهن کي فعال ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي.ان لاءِاسان جي ملڪ جي ٽن ادارن پارليامينٽ،عدليه ۽ اسٽيبلشمنٽ کي قومي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿي سامهون اچڻو پوندو.قومي مقصدن ۽ رياستي ادارن جي بهتريءَ لاءِ ڪنهن هڪ ٽيبل تي ويهڻو پوي ته سڀني کي قومي مفادن ۽ رياستي تقاضائن سان هم آھنگ ٿي هڪ جاءِ تي ويهڻ کپي.موجوده ملڪي حالتون،ريجنل صورتحال کان ويندي بين الاقوامي اقتصادي مفادن واري جنگ اسان لاءِ وڏو امتحان آھي.ان ڪري ملڪ جي قومي قيادت ۽ اهم ادارتي سربراهن کي گڏجي بين الاقوامي پس منظر ۾ قومي مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو.جنهن لاءِ سياسي رهنمائن کي وسيع القلب ٿيڻ سان کليل ذھن رکڻو پوندو.جيڪڏهن هن هنگامي ۽ ڄڻ ته سياسي ۽ ملڪي معاشي جنگي صورتحال ۾ اسان جي ملڪي قيادت اهم ڪردار ۽ سياڻپ کان ڪم نه ورتو ته پوءِ کين سوچڻ جو به شايد موقعو نه ملي سگهي.
اسان پنهنجين تحريرن ۾ هميشھ ملڪي،قومي ۽ رياستي توڙي ادارتي مفادن ۾ ڳالهيون ڪندا آيا آھيون.هن وقت ملڪ جا ٽي اهم ادارا جيڪي اسان جا قومي ادارا آھن ۽ هو رياست جي قانون تحت ان ڳالهھ جا ذميوار آھن ته قومي مفادن،ملڪي مفادن ۽ رياستي مفادن کان ويندي ادارتي مفادن خلاف ڪو به ڪم ٿئي ته هو ان جو نوٽيس وٺي فوري تحرڪ ۾ اچي ان جو حل ڪڍن.انهن ۾ اهم ذميواري ملڪ جي پارليامينٽ،اعليٰ عدليه ۽ اسٽيبلشمنٽ تي عائد ٿئي ٿي.ان لاءِ ضروري آھي ته مٿي ٽنهين اهم رياستي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جيڪو پڻ قومي فرض به بنجي ٿو.ملڪ جو سينيئر سياستدان چوڌري شجاعت حسين هڪ اهڙو قومي ڪردار ادا ڪندي مولانا فضل الرحمان،صدر آصف علي زرداري،ميان محمد نوازشريف،عمران خان يا ان جي ڪنهن پارٽي رهنما کان ويندي قومي سياسي شخصيتن کي ويهاري رياستي،قومي ۽ ادارتي مفادن ۾ هڪ نئون سماجي معاهدو ڪرائي ته جيئن ملڪ کي قومي مفادن تحت هلائڻ لاءِ اندروني طور يڪراءَ ٿي بيهن ۽ هڪ ٻئي سان سياست کان هٽي قومي پاليسيءَ ۽ پروگرام تي هڪ پيج تي بيهن.هن وقت ملڪي حالتن جي پس منظر ۾ چيف آف آرمي اسٽاف،وزير اعظم پاڪستان،صدر پاڪستان،جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمان ۽ چوڌري شجاعت حسين جن گذريل ٽن ڏينهن کان وٺي قومي ۽ ملڪي مفادن وٽان ڳالهيون ڪيون آھن تن تي اميد ٿي ڪجي ته عمل به ضرور ٿيندو ۽ ٻين سياسي ڌرين کي ان تي اڳيان اچڻ کپي جيڪو پڻ قومي ۽ ملڪي مفاد ۾ هوندو.ڇو ته ملڪي ادارن جو فعال هجڻ ۽ رياستي بچاءِ انهن ئي ڳالهين ۾ آھي.