ڊاڪٽر سيمي جمالي جون ساروڻيون

تحرير: عاجز جمالي

مون کي سال ۽ مھينو ته ياد ناھي پر 1990 جي ڏھاڪي جي ڳالھه آھي ، شايد پيپلز پارٽي جي ئي حڪومت ھئي ، مون وٽ جوھي مان ڪو ھمراھ ملڻ لاءِ آيو ،ملاقات ۾ ھن ٻڌايو ته سندس امڙ جناح اسپتال ۾ داخل آھي ، مون وٽ ڪا به ڄاڻ سڃاڻ ناھي، ڪو ڏوڪڙ پيسو به ڪونھي ، منھنجي مدد ڪريو، جناح اسپتال ۾ اوھان جي ذات جي ڪا خاتون ڊاڪٽر آھي مون کي خبر پئي ته اوھان جي مائٽياڻي آھي  ، اوھان مون سان گڏجي ھلو، مون کائنس مريضا جو نالو، تفصيل وارڊ، بسترو نمبر پڇي ڪاغذ تي لکيو ۽ کيس چيو ته مان سڀاڻي ڄاڻايل ڊاڪٽر سان ڳالھائيندس، سچ ته اخباري رپورٽر ھوندي به مون کي ڄاڻ نه ھئي ته جناح اسپتال ۾ ڪھڙي جمالي خاتون ڊاڪٽر آھي ، خير مان ھڪ اردو اخبار جي صحافي دوست کان معلومات ۽ فون نمبر وٺي ٻئي ڏينھن کيس ڪال ڪئي ، ھي اڃا موبائل فون جو زمانو ڪونه ھئو ، آفيس يا گھر جي نمبر تي فون تي ڳالهائبو ھئو ، فون تي مون ساڻس سنڌي ۾ ڳالھايو ته اردو ۾ جواب ڏيندي محترما تمام فھميدا انداز ۾ ڳالھايو ، چيائين ته مريضاسان گڏ جيڪو ماڻھو آھي انھيءَ کي مون وٽ موڪليو ، ھاڻي انھيءَ ماڻھو کي ڳولڻ لاءِ مون کي جناح اسپتال پاڻ وڃڻو پيو .

ڊاڪٽر سيمي جمالي سان اھو منھنجو پھريون رابطو ھئو، ان رابطي کان وٺي سندس لاڏاڻي يعني مئي 2023  تائين ساڻس ھزارين ملاقاتون ۽ لکين رابطا ٿيا ھوندا ، لڳ ڀڳ پنجويھه سالن جو ساڻس تعلق رھيو ، شروع جا ڪجهھ سال ته مان سمجھندو رھيس ته ھي اردو ڳالھائيندڙ آھي ، سندس مڙس ھڏن جو مشھور ڊاڪٽر اي آر جمالي آھي ،تڏھن جمالي پئي سڏائي پر حقيقت ۾ سندس تعلق ھالا جي ميمڻ خاندان سان ھئو ، ھن نواب شاھ ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪري 1988 ڌاري جناح اسپتال ۾ نوڪري ڪيائين ۽ 1995 ڌاري جناح اسپتال جي ايمرجنسي شعبي جي انچارج بڻي ھئي ، منھنجي ساڻس پھرين ملاقات به جناح اسپتال جي ايمرجنسي جي شعبي ۾ ٿي ھئي ،اھا عمارت ھاڻي ختم ٿي وئي آھي ، ھاڻي نئين ايمرجنسي ڪامپليڪس تعمير ٿي آھي.

ڊاڪٽر سيمي جمالي غير معمولي صلاحيتون رکندڙ خاتون ھئي ،ھن زندگي جو وڏو حصو جناح اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ گذاريو ھئو ،جتان ڊپٽي ڊائريڪٽر، جوائنٽ ڊائريڪٽر ، ڊائريڪٽر ۽ نيٺ جناح اسپتال جي اعليٰ عھدي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي پھتي ھئي ، مرڻ گھڙيءَ تائين ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ھئي ، مون ڄاڻايل پنجويهھ کن سالن دوران وٽس ھزارين مريض موڪليا ھوندا ، چوندي ھئي ته اوھان مريض جو نالو ۽ وارڊ مون کي ٽيڪسٽ ڪري ڇڏيندا ڪريو، مان امڙ سميت پنھنجي ڪٽنب جي علاج لاءِ به وٽس ويندو ھوس ، مون زندگي ۾ وٽس ھڪ اھڙو غريب مريض به موڪليو ھئو جنھن جي علاج تي ڏھ ٻارھن لک روپيا خرچ پئي آيو ، جناح اسپتال ۾ ھائوس جاب لاءِ وٽس دوستن جو اولاد يا واقفڪارن جا مٽ مائٽ موڪليندو ھوس، وٽس انڪار نه ھوندو ھئو، ھڪ ڀيري مون کي چيائين ته  سنڌ جي ٻهراڙين مان ايندڙ ڊاڪٽرن تي ئي ته جناح اسپتال ھلي ٿي.  ڊاڪٽر سيمي جمالي سنڌ جي ٻهراڙين مان ايندڙ وڌ کان وڌ ڊاڪٽرن کي ھائوس جاب ۽ عارضي نوڪرين تي لڳائيندي ھئي.

مان اھا ڳالهھ بنا ڌڙڪ جي لکان پيو ته اڄ جناح اسپتال ۾ سوين سنڌي ڳالھائيندڙ ملازم آھن ته ان ۾ وڏو ڪردار ڊاڪٽر سيمي جمالي جو رھيو.  مٿس ڪيترائي حملا ٿيا، دھشت گردن جناح اسپتال جي ايمرجنسي ۾ ڌماڪو ڪيو ،۽ ھر وقت سندس زندگي کي خطرو ھو. ھڪ ڀيري رات جو دير سان جيل مان ھڪ طالبان ليڊر کي ڳڻتي جوڳي  حالت ۾ آندو ويو ھئو ،رات ٽين وڳي ٽي وي چينل جي آفيس مان ڪال آئي ته کين چيڪ ڪري ٻڌايان، مون ڊاڪٽر سيمي جمالي کي ڪال ڪئي ته اٽينڊ ڪندي وراڻيائين فلاڻو نالو  اٿس، بيھوش آھي،  آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو آھي ، مطلب خبر جي تصديق به بنا ڌڙڪ جي ان ريت ڪندي ھئي.  ھڪ ڀيري ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگرد تنظيمن جا زخمي شاگرد جناح اسپتال پھتا ته مان به سندس ان مسئلي تي انٽرويو ڪرڻ پھتس، ايمرجنسي وارڊ پھچي کيس ڪال ڪيم ته مان ٻاھر اچان ٿي ، ھو جيئن ٻاھر آئي اسلامي جمعيت جي ڪارڪنن سندس خلاف نعري بازي شروع ڪري ڏني ، چوڻ لڳي ھنن کي به تون وٺي آئين ڇا، پر انھن جي سامھون جوان مردي سان بيٺي رھي ۽ رينجرز گھرائي کين ڊوڙائي ڇڏيائين.

ڊاڪٽر سيمي جمالي پاڪستان جي طب جي دنيا جو وڏو نالو ھئو ،سنڌ جي ٻھراڙيءَ مان نڪري نه صرف ڪراچي پر ملڪ ۽ عالمي سطح تي شھرت ماڻيائين. 2020 ۾ جڏھن کيس ڪينسر ظاھر ٿيو ته ان ڳالهھ کي ظاھر نه ڪيائين پر علاج ھلندو رھيو ،سندس گھر به جناح اسپتال اندر ئي ڊاڪٽرز ڪالوني ۾ ھئو ، 27 مئي 2023 ۾ ھوءَ ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري وئي ، ٻئي ڏينھن منجھند جو جناح اسپتال جي مسجد ۾ سندس جنازي نماز ۾ سوين ماڻھو شريڪ ھئا ،ڊاڪٽر اي آر جمالي سان سڀ ڀاڪر پائي ڏک ونڊي رھيا ھئا. ھوءَ ھڪ دلير عورت ھئي ، سندس ڪردار ھميشه ياد رکيو ويندو ،  ڊاڪٽر سيمي جمالي جي لاڏاڻي کي سوال سال ٿيو آھي پر گذريل سوا سال ۾ جناح اسپتال ۾ وڏو فرق اچي چڪو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.