اختر مينگل جي قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ وفاقي حڪومت لاءِ ھڪ سرپرائيز آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ اختر مينگل کي ڪوئيٽا ۾ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي. اختر مينگل وزيراعظم کي اھو چئي معذرت ڪئي ھئي تھ مان تھ اسٽيڪ هولڊر ئي ناهيان، منهنجي پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ رڳو هڪ سيٽ آهي، وڌيڪ سيٽون پ پ ۽ مسلم ليگ (ن ) وٽ آهن، ان ڪري اھي ئي اسٽيڪ هولڊر آهن، بلوچستان جو مسئلو به اهي ئي پارٽيون حل ڪن.
ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان اختر مينگل جو انڪار خطري جي گھنٽي هئي، پر حڪومت کي اها گھنٽي ٻڌڻ ۾ ئي نھ آئي، ڇاڪاڻ تهھن حڪومت جي پنھنجي حالت ھڪ اھڙي گھنٽي جي آهي، جنھن کي ڪو ٻيو پنهنجي مرضيءَ وڄائي ٿو.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته گذريل سال تائين اختر مينگل جي پارٽي شهباز شريف جي اتحادي حڪومت ۾ شامل هئي.
صرف هڪ سال ۾اھڙو ڇا ٿيو جو اختر مينگل نه رڳو شهباز شريف کان مايوس ٿي ويو بلڪھ ھن قومي اسيمبليءَ مان ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي؟ شهباز شريف کي ياد هوندو ته جڏھن مارچ 2022ع ۾ عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي ته جنرل قمر جاويد باجوا، شهباز شريف سان گڏ آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، اختر مينگل، خالد مگسي، شاهه زين بگٽي ۽ ڪجهه ٻين اڳواڻن کي مارگلا روڊ اسلام آباد ۾ ھڪ سيف هائوس ۾ گھرايو ھو ۽ بي اعتمادي جي رٿ واپس وٺڻ لاءِ چيو ھو. خالد مگسي ڏاڍي عاجزيءَ سان چيو ھو ته جيڪڏهن سمورا فيصلا توهان کي ئي ڪرڻا آهن ته پوءِ بھتر آھي تھ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي ڇڏيو.ان اجلاس ۾ اختر مينگل ڪافي سخت لھجو اختيار ڪيو ھو، جنهن تي باجوه کي دفاعي انداز اختيار ڪرڻ پيو ۽ ھن چيو ته مونکي وزيراعظم چيو آهي ته توهان بي اعتمادي واري رٿ واپس ڪرائي ڏيو ته مان نئين چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيندس.
اختر مينگل کي جنرل باجوه ۽ جنرل فيض تي ذرو بھ يقين نه هو. 2013ع جي چونڊن کانپوءِ اختر مينگل، عمران خان سان لکت ۾ ھڪ معاهدو ڪيو ھو، جنهن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو واعدو سرفهرست هو. ان لکت واري معاهدي تحت اختر مينگل پنهنجا چار ووٽ عمران خان جي پلڙي ۾ وڌا ھئا. ٻن سالن تائين عمران خان ڪو به واعدو پورو نه ڪيو، تھ ھن عمران خان جي حڪومت جي حمايت واپس وٺي ڇڏي ۽ بعد ۾ انھن ئي چئن ووٽن جي مدد سان شهباز شريف وزيراعظم بڻيو. وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ شهباز شريف پڻ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل نه ڪري سگهيو. اختر مينگل جي قومي اسيمبليءَ مان استعيفيٰ شهباز شريف تي نه پر پارلياماني سياست ۽ رياست تي بي اعتمادي آهي.
اختر مينگل جي استعيفيٰ تي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته هي استعيفيٰ وفاق لاءِ سٺو سونڻ ناهي، مريم نواز جي نگراني ۾ هلندڙ مسلم ليگ ن جي سوشل ميڊيا سيل ،اختر مينگل کي غدار ۽ دهشتگردن جو ساٿي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مسلم ليگ (ن) دراصل وچولي پنجاب جي پارٽي بڻجي چڪي آهي ۽ ان جا ڪيترائي حامي اڄڪلهه پنجابي ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پنجابي ٻولي ۽ پنجابي ثقافت سان محبت ڪافي سٺي ڳالهه آهي پر پنجابيت جي نالي تي ٻين قوميتن خلاف نفرت پکيڙڻ دراصل پاڪستان دشمني آهي. پنجاب جا اڪثر دانشور بلوچستان جي مسئلن جي ذميداري اتي جي سردارن تي وجھندا آهن.
اسان جا اھي پنجابي ارسطو ٿوري مھرباني ڪن ۽ پنهنجي پياري وطن اسلامي جمهوريه پاڪستان جي تاريخ تي هڪ نظر وجهن. 21 جون 1972ع تي بلوچستان اسيمبليءَ ۾ سرداري نظام جي خاتمي لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ھو، اهو ٺهراءُ ان وقت جي قائد ايوان ۽ صوبي جي وڏي وزير سردار عطاءُ الله مينگل پيش ڪيو هو، جيڪو پاڻ ھڪ قبيلي جو سردار آھي.مينگل صاحب جي والد سردار رسول بخش مينگل کي انگريزن جي دور ۾ جبري طور تي بي دخل ڪيو ويو ھو ۽ سندس جاءِ تي، خان صاحب ڪرم خان مينگل کي قبيلي جو عارضي سردار مقرر ڪيو ويو. ڪيترن سالن کان پوءِ مينگل قبيلي جي قيادت جو فيصلو اليڪشن ذريعي ڪيو ويو.قبيلي جي معتبرن رسول بخش مينگل جي پٽ عطااللھ مينگل ۽ ڪرم خان مينگل مان ڪنھن ھڪ جي چونڊ ڪرڻي ھئي.
اليڪشن ۾ عطاالله مينگل 106 ووٽ حاصل ڪيا ۽ ڪرم خان مينگل صرف 16 ووٽ حاصل ڪيا.عطاءُ الله مينگل بلوچ تاريخ ۾ پهريون چونڊيل سردار هو، پر هن وزيراعليٰ ٿيڻ کانپوءِخود سرداري نظام خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. ان وقت نيشنل عوامي پارٽي (نيپ) حڪومت ۾ هئي ۽ پيپلز پارٽي صوبي جي اپوزيشن ۾ هئي، ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر هو، ڇاڪاڻ ته 1973 جو نئون آئين اڃا منظور نه ٿيو هو.بلوچستان جي سرداري نظام کي وفاق حڪومت جو تحفظ حاصل ھو. صدر ڀٽي عطاللھ مينگل تي واضح ڪيو تھ اھو صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو ضرور آھي پر وفاقي حڪومت کي سرداري جي خاتمي لاءِ قانون سازي ڪرڻي آهي. 21 جون 1972ع تي صوبائي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي عطاءَ الله مينگل چيو ھو ته صدر پاڪستان مون کي چيو آهي ته سردار نظام ختم ڪرڻ جي لاءِ توھان رڳو ٺهراءُ پاس ڪري سگهو ٿا، تنهن ڪري هي قرارداد پيش ڪري مان پنهنجو فرض پورو ڪري رهيو آهيان.
سردار عطاءُ الله مينگل جي حڪومت هڪ ٻيو اهم ڪم اهو ڪيو ته اردوءَ کي صوبي جي (دفتري ) سرڪاري ٻولي بڻائي ڇڏيو، پر سندس حڪومت فقط 9 مهينا قائم رھي. شاهه ايران رضا شاهه پهلوي کي بلوچستان ۾ سرداري نظام جي مخالف ترقي پسند حڪومت بلڪل پسند نه هئي فوجي جرنيل به نيب جي حڪومت کي ختم ڪرڻ پئي چاهي، ان ڪري 13 فيبروري 1973ع تي سردار عطاءُ الله مينگل جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس نوجوان پٽ اسدالله مينگل ڪراچي مان غائب ڪيو ويو ۽ پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ڪتاب ”افواه ۽ حقيقت“ ۾ ٻڌايو تھ اسدالله مينگل کي قتل ڪري ٺٽي ۾ دفن ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو تھ عطاءُ الله مينگل کي ٻڌايو ته سندس پٽ افغانستان ڀڄي ويو آهي. عطاءُ الله مينگل پنهنجي پٽ جي ڏک جي باوجود سڄي عمر پاڪستان خلاف ڪا ڳالھھ نه ڪئي. هن جو واحد احتجاج اهو هو ته هنن لاهور جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. هو ڪڏهن به لاهور نه ويندو هو،پر وفاق جي سياست ڪرڻ لاءِ اختر مينگل کي اڳتي آندو.
اختر مينگل 1997ع ۾ وڏو وزير بڻيو پر صرف 16 مهينن کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف کيس برطرف ڪري ڇڏيو. مشرف دور ۾ اخترمينگل تي غداري جو ڪيس ٺھيو، پر هن وفاقي سياست نه ڇڏي، 8 فيبروري 2024ع تي بلوچستان ۾ جنھن قسم جي اليڪشن ٿي،ان کانپوءِ بلوچستان جي نوجوانن جي ھڪ وڏي اڪثريت جو پارلياماني سياست تان اعتماد کڄي ويو آهي.
اڄ بلوچستان ۾ جيڪا حڪومت قائم آهي، ان ۾ اهي ماڻهو شامل آهن، جيڪي وفاق ۽ صوبي جي ٽڪراءَ جو فائدو وٺي جھنڊي واري گاڏي ۾ گھمي رھيا آھن.جيڪڏهن تڪرار ختم ٿي ويو ته اهي حضرات شايد پنهنجي صوبي ۾ به نه رهن ڇو ته انهن مان اڪثرن وٽ اسلام آباد ۾ عاليشان گهر آهن. اختر مينگل جي استعيفيٰ ان ماڊل جي ناڪامي جي شروعات آھي.جيڪو 8 فيبروري 2024ع تي آندو ويو. ان ماڊل کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ عدليه ۽ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. بلوچستان ۾ ”ڪنٽرولڊ جمهوريت“ جو تجربو ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ ان ماڊل کي سڄي پاڪستان تي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش سياستدانن کي بھ اختر مينگل جيان پارلياماني سياست ڇڏڻ تي مجبور ڪري سگھي ٿي.
اختر مينگل جي استعيفيٰ ان ماڊل جي ناڪامي جي شروعات آھي.جيڪو 8 فيبروري 2024ع تي آندو يو. ان ماڊل کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ عدليه ۽ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. بلوچستان ۾ ”ڪنٽرولڊ جمهوريت“ جو تجربو ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ ان ماڊل کي سڄي پاڪستان تي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش سياستدانن کي بھ اختر مينگل جيان پارلياماني سياست ڇڏڻ تي مجبور ڪري سگھي ٿي.