سنڌو تي ڪوبه ڊيم ٺاهڻ قبول ناهي

تحرير: غلام حسين جوڻو

ڪجهه سالن جي ٺاپر کان پوءِ، وفاقي حڪومت کي وري ڪالاباغ ڊيم ياد اچي ويو آهي. ۽ اهو رينگٽ وري شروع ڪيو ويو آهي. ڪالا باغ ڊيم سميت پنج نوان ڊيم ٺاهڻ لاءِ منصوبا بندي ڪئي ويئي آهي. وفاقي حڪومت ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي ضد ڪندي وتي جڏهن ته ان ڊيم جي خلاف ملڪ جون ٽئي صوبائي حڪومتون قراردادون پاس ڪري چڪيون آهن ۽ ان منصوبي کي رد ڪري چڪيون آهن. تنهن هوندي به پنجاب وارا ڪنهن به اسيمبلي جي قرارداد کي قبول ڪونه ٿا ڪن ۽ ڪجهه سالن تائين صبر ڪري وري مئل گھوڙي کي ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪندا وتن، جڏهن کين موقعو ۽ وجهه ملي ٿو ته، سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ وٺ وٺان ڪريو ڏين، مطلب ته وفاقي حڪومت ڪالاباغ ڊيم تعمير ڪرڻ واري هوڏ تي اڄ به قائم آهي.

ان سلسلي ۾ وفاقي پاڻي واري وزارت ڪالاباغ ڊيم سميت وڌيڪ پنج ڊيم سنڌو درياءُتي تعمير ڪرڻ جي رٿابندي مڪمل طرح تيار ڪري ڇڏي آهي. پاڻي جي وزارت طرفان اهڙي رپورٽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پڻ پيش ڪئي ويئي. ڊيمن ۾ ڪالاباغ ڊيم 3600 ميگاواٽ، هيڊرو پاور ۾ داسو ايڇ پي پي 2160 ميگاواٽ، پاٿن ايڇ پي پي 2400 ميگاواٽ، ٿاڪوٽ ون، ٽو،ٿري 4714 ميگاواٽ ۽ ايڇ پي پي 7100 ميگاواٽ شامل آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سينيٽ جي پاڻي جي معاملن بابت اسٽيبنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين شهادت اعواڻ جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿي گذريو، هن اجلاس ۾ فيصل سليم رحمان، همايون مهمند ۽ پنجو ڀيل شرڪت ڪئي. پاڻي جي معاملن واري سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته سمورا منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا. آخري منصوبو 2029ع ۾ مڪمل ٿيندو. اجلاس ۾ سينيٽر فيصل سليم رحمان چيو ته اسان ڊيم ٺاهي رهيا آهيون ۽ انهن سان گڏ بجلي جا پلانٽ به لڳائي رهيا آهيون ان ڪري هي منصوبا ڪنهن به صورت ۾ مڪمل ڪرڻا آهن جيڪي وچ ۾ هرگز روڪي نه ٿا سگھون. مذڪوره وزارت سنڌو درياءُتي پنج ڊيم ۽ هائيڊرو پاور ٺاهڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، ڪوبه دستاويزي ۽ ڪاغذي ڪم اڻپورو ڪونه آهي.جنهن تي اعتراض واري سگھجي.

حڪومت جي اهڙي رٿابندي تي آڱريون کڄي رهيون آهن ۽ ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي. پر، اختيارين کي ان ڳالهه جي ڪابه پرواهه ڪونه آهي. هو، پنهنجي ضد تي قائم آهن. ڪنهن جي به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. مون، مختلف شخصيتن جا تاثرات اخبار ۾ پڙهيا جيڪي سمورا سرڪارجي هن فيصلي جي خلاف آهن. ڪو هڪ ماڻهو به ڪونه آهي جيڪو ان منصوبا بندي جي حمايت ۾ هجي. ان سلسلي ۾ سينيٽر حاجي هدايت الله جو چوڻ آهي ته، ڪالاباغ ڊيم جو معاملو پراڻو آهي جيڪو هاڻ دفن ٿي چڪو آهي. ان تي بحث ٿيڻ نه گھرجي. ان خلاف ٽن صوبن قراردادون منظور ڪيون هيون. ياد رهي ته، سنڌ واسين ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو درياءُتي پنج نوان ڊيم اڏڻ واري فيصلي کي رد ڪندي مخالفت ڪئي آهي. سنڌ جي ساڃاهه وندن، سڄاڻ ڌرين ۽ قومپرستن سنڌو درياءُتي پنج نوان ڊيم اڏڻ واري منصوبي کي ملڪ دشمن منصوبو قرار ڏنو آهي. خاص ڪري سنڌ جي خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته، اهي ڊيم ٺاهڻ جهڙوڪ سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آهي. سنڌو درياءُتي ڪوبه ڊيم ٺاهڻ هرگز قبول ناهي. ان حوالي سان قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجي جو چوڻ آهي ته، پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي ڌاڙا هڻائڻ ۾ سهولتڪار آهي وفاقي حڪومت هوش کان ڪم وٺي، سنڌي ماڻهن کي ڀت سان نه لڳايو وڃي. حڪمرانن کي سمجهڻ گھرجي ته انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جو پاڻي ناهي. جنهن ڪري ڪوبه ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ نه آهي. هن وقت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي. ساڳئي پارٽي يعني قومي عوامي پارٽي جي اڳواڻن وسند ٿري، لال جروار، حورالنساءِ پليجو، ڪاشف ملاح ۽ حسين سومرو جي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته، ملڪ جا حڪمران سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙائي، نوان ڊيم ٺاهڻ جي پروپيگينڊا ڪري رهيا آهن، ڪالاباغ ڊيم جي رٿا ملڪ ٽوڙڻ جي سازش آهي، وفاقي حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ سنڌو درياءُتي مڪمل طور قبضو ڪري رهي آهي. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڪالاباغ ڊيم جي رٿا پيش ڪري ٽن صوبن جي عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪئي ويئي آهي.

91 ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي غير قانوني فيصلا ڪرڻ وارو عمل سنڌي قوم کي منظور ناهي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ٺاهه موجب ڏنو وڃي. ٺٽو جي رپورٽر منصور جلالاڻي موجب ٺٽي جي علمي ادبي شخصيتن، صحافين ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو تي پنج نوان ڊيم اڏڻ واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته، پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ دشمني ڪري رهيو آهي. سنڌ جا ماڻهو ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو درياءَ تي پنجن نون ڊيمن جي اڏاوت جي سخت مزاحمت ڪندا. وڌيڪ سندن چوڻ آهي ته ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪو بل پيش ڪيو ويو آهي اهو محض ڊونگ آهي. سنڌ خلاف ٿيندڙ فيصلن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي برابر جي حصيدار آهي. هن وقت سڄي سنڌ جي عوام ۾ تاءُ نظر اچي ٿو. خاص ڪري سنڌ جون قومپرست ڌريون، سنڌ جا اديب، سماجي ڪارڪن، ساڃاه وند ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ اهڙن منصوبن کي سنڌ دشمن منصوبا قرار ڏنو اٿن. اهي آئنده جي حڪمت عملي جي باري ۾ سوچ ويچار ڪري رهيا آهن جنهن جي باري ۾ صلاح و مشورا جاري آهن.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ سيد زين شاهه، قومي عوامي تحريڪ جو ليڊر اياز لطيف پليجو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين اڳواڻن به هڪ ٻئي سان رابطا ڪرڻ شروع ڪيا آهن. سندن به جلد ئي اجلاس ٿيڻ وارو آهي ۽ گڏجاڻي ۾ ڄاڻايل سنڌ دشمن پاليسين جي خلاف آواز اٿارڻ لاءِ طريقيڪار جو تعين ڪيو ويندو. بهرحال هن معاملي تي سنڌ واسي سراپا احتجاج بنجندا پيا وڃن. ٻئي طرف پ پ پ جا ڪي چونڊيل نمائندا پنهنجي سياسي قد ڪاٺ وڌائڻ ۽ پارٽي جي ڪرندڙ ساک کي بچائڻ ۽ سنڌ واسين کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ قومپرستي جا بيان ڏيئي رهيا آهن. انهن ميمبر اڳ ۾ ته ڪڏهن به سنڌ جي بقاءَ وحدت تي ڪونه ڳالهايو آهي. پر، سنڌ تي جيڪو به وار ڪيو ويو آهي تنهن جي مخالفت ڪونه ڪئي اٿن. ۽ هن وقت هو اهڙا بيان ڏيئي رهيا آهن. ڪي ماڻهو ته ائين چئي رهيا آهن ته، اهڙا بيان ڪنهن اشاري ۽ چوڻ تي ڏنا پيا وڃن، باقي سندن سنڌ سان محبت جي خبر ته سڀني کي آهي. ياد رهي ته سنڌو درياءُ تي سنڌين جو حق آهي. شرعي، قانوني ۽ آئيني لحاظ کان درياءُ جا مالڪ سنڌي آهن. هر درياءُتي حق پڇڙي وارن جو آهي جنهن ڪري اهو حق سنڌين کي ئي ڏنو وڃي. سنڌ جي حصي جو پاڻي سنڌو درياءُ ۾ ڇڏڻ گھرجي. مذڪوره منصوبي تي سنڌ جا رهواسي مايوس ٿيا آهن. اهي سنڌ دشمن منصوبن کي مڪمل رد ڪن ٿا ۽ مطالبو ڪن ٿا ته سنڌو درياءُ تي ڪالاباغ ڊيم سميت پنج ئي ڊيم تعمير نه ڪرايا وڃن. اها غلط منصوبا بندي ڪئي ويئي آهي. ارسا جي ائڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ سان سنڌي ماڻهن کي ڀِت سان لڳايو ويو آهي. ان عمل جي ڪيتري مذمت ڪجي، ڪيتري به نندا ڪجي اها بلڪل ٿوري ۽ نه هئڻ جي برابر آهي. هن درياءُتي سنڌين جو جياپو آهي، اهو درياءُسنڌ جي سڃاڻپ آهي. تنهن ڪري انهن کان جيئڻ جو حق نه کسيو وڃي. سنڌ جي ماڻهن جو جياپو ۽ سڃاڻپ ختم ڪري درياءُ کي سڪائڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. اڃا ڳالهه هٿ ۾ آهي. هينئر سان ئي ڄاڻايل سنڌ دشمن منصوبا رد ڪيا وڃن ۽ سنڌي عوام جي پريشانين ۽ مونجهارن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار نڀائڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري کي به سوچڻ گھرجي ۽ نون ڊيمن ٺهڻ جي اسڪيمن کي رد ڪرڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.