ڪراچي جي راشدي ڳوٺ تي پوليس چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڪراچي اوڀر (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نيو راشدي ڳوٺ ۾ پوليس چڙهائي دوران زخمي ٿيندڙ ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو  آهي، ان موقعي تي زخمي ٿيندڙ ڳوٺاڻن آچراڻي برادري جي ماڻهن پنهنجا زخم ڏيکاريندي چيو آهي ته هوءَ ڪيتري ئي عرصي کان راشدي ڳوٺ ۾ ويٺل آهن، بلڊر مافيا جي چرچ تي پوليس ۽ روينيو عملي ڪارروائي ڪري گهرن کي ڊاهي باهيون ڏئي ڇڏيون، پوليس پاران رپيٽر جا فائر هنيا ويا جنهن ۾ ڪيترائي ڳوٺاڻا ڇرا لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيا آهن، هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺاڻن مٿان فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.