حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين ڪميٽي 150 جي چيئرمين جو ميئر کي انگريزي ٻولي ۾ لکيل خط سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. چيئرمين حيدرآباد جي ميئر کي انگريزي ۾ لکيل خط ۾ "ٽو دي ميئر حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد, انڊيا” لکي ڇڏيو. يونين ڪميٽي 150 جي چيئرمين علي مراد حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شوري کي جيجل ماءُ اسپتال کان ٺاڪر ڳوٺ تائين روڊ ٺهرائي ڏيڻ جي لاءِ لکيل خط ۾ انگريزي ٻولي جو استعمال ڪندي اهو خط ڪمپوز ڪرائڻ بعد يونين ڪميٽي جي ليٽر پيڊ تي پرنٽ ڪرايو ۽ ان تي پنهنجي نالي مٿان صحيح ۽ يونين ڪميٽي جو ٺپو به هنيو آهي. اهڙو خط سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آهي ۽ ڪجهه ٽي وي چئنلن تي ان خط بابت خبرون به هلي ويون آهن. سوشل ميڊيا تي ان خط جي ڪري ڪي ماڻهو يونين ڪميٽي جي چيئرمين کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن ته ڪي وري ان خط کي غلطي ۽ چيئرمين سان مذاق جو هڪ طريقو به سمجهي رهيا آهن. خط ۾ چيئرمين ميونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد سنڌ لکڻ بجاءِ انڊيا لکي ڇڏيو آهي.