ڪي پي ڪابينا ۾ تبديلي ۽ مقررين جو معاملو گورنر وٽ ٽنگيل

 

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا ڪابينا ۾ تبديلي ۽ تقريرن جي معاملي تي هيل تائين اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي. ذريعن موجب وڏي وزير طرفان موڪليل سمري ۾ هڪ صلاحڪار ۽ 4 خاص مددگار بڻائڻ جي سفارش  ڪئي وئي هئي جڏهن ته گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي سمري ملڻ کانپوءِ 12 ڏينهن گذرڻ جي باوجود صحيح ناهي ڪئي. اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي شمائل بٽ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته آئين تحت گورنر 15 ڏينهن ۾ سمري تي صحيح يا اعتراض هڻي سگهي ٿو. گورنر سمري واپس نٿو موڪلي ته 15 ڏينهن ۾ سمري منظور سمجهي ويندي. شمائل بٽ موجب خيبرپختونخوا ڪابينا ۾ تبديلي ۽ واڌ وڏي وزير جو اختيار آهي. گورنر هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گورنر مصروفيتن سبب سمري تي صحيحون ناهي ڪري رهيو، سمري تي صحيحن کان ٻيا معاملا اهم آهن. وقت ملڻ تي سمري تي صحيحن جي معاملي کي ڏٺو ويندو، گورنر عالمي وفدن ۽ سياسي پارٽين سان اهم ملاقاتون ڪري رهيو آهي جن جو مقصد صوبي جو تاثر بهتر ڪرڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.