ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پوليس کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته ربيع الاول جي مهيني ۾ خاص ڪري ربيع الاول جي اٺين ۽ ٻارهين ڏينهن ۾ نعتيه مجلسن، ذڪر ۽ اذڪارن، وعظن ۽ مجلسن کي منظم ڪيو وڃي. مختلف علائقن مان نڪرندڙ جلسن، جلوسن، مرڪزي جلوسن ۽ مرڪزي مجلس هالن لاءِ پوليس رينج، ضلعن ۽ زونن جي سطح تي غير معمولي سڪيورٽي پلان کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان حوالي سان نامور سياسي ۽ مذهبي شخصيتن سان باقاعده ملاقاتون به ڪيون وڃن. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته ربيع الاول جي ڪنٽينجنسي پلان تحت اٺين ۽ ٻارهين ربيع الاول جي جلوسن ۽ انهن جي گذرگاهن سميت ٻين اهم هنڌن تي ٽيڪنيڪل سوئيپنگ ۽ ڪليئرنس 20 ڪلاڪ اڳ مڪمل ڪئي وڃي پر ان سان گڏ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي موجودگي به لازمي آهي بااثر پوليس اهلڪارن کي به خاص ذميواريون ڏنيون وڃن. هن چيو ته تيار ڪيل ڪنٽينجنسي پلان تحت نه رڳو مرڪزي جلوس جي روٽ جي آس پاس موجود گهرن، دڪانن ۽ ٻين عمارتن، ميٽنگ هال ۽ ٻين اجتماعن جي جڳهن جي سروي ڪئي وڃي سنڌ جي گهرو وزير هدايتون جاري ڪيون ته تيار ڪيل سڪيورٽي پلان تحت سمورن پوليس اسٽيشنن ۽ اضافي اهلڪارن جي مجموعي سڪيورٽي ڊيوٽي جو تفصيلي احاطو ڪيو وڃي ۽ انهن کي مرڪزي جلوس، مرڪزي مجلس هال، واعظ ۽ عقيدت جي موقعي تي مقرر ڪيو وڃي.