عمران خان جو فوجي ٽرائل يقيني،اڳرائي واري مزاج ۾ تبديلي

اسلام آباد(اعزاز سيد+عمر چيما+ابصار عالم+منيب فاروق) فوج جي ترجمان عمران خان جو نالو وٺڻ کان بغير واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسان عمران خان جو ڪيس فوجي عدالت ۾ آڻي رهيا آهيون،فيض حميد 2022ع ۾ جنرل عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري روڪرائڻ لاءِ وڏا هٿ پير هنيا، تڏهن هڪ طاقتور شخصيت اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته جيڪڏهن جنرل عاصم منير آرمي چيف بڻجي ويو ته جنرل فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ٿيندو، جڏهن ته باجوا به ڪوشش ڪئي ته عاصم منير فوجي سربراهه بڻجي،ٻئي پاسي فوج ۾ بغاوت پيدا ڪرڻ واري معاملي تي پي ٽي آءِ باني کي فوجي عدالت جو خوف ورائي ويو، سندس روئي مان اڳرائي ختم ٿي وئي، عمران خان کي حالتن جي سنگيني جو احساس ٿي ويو، جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ ٿيندڙ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ جنرل(ر) فيض حميد خلاف سمري آف ايويڊنس پيش ڪئي وئي، ان تي بحث ڪيو ويو، ثبوت ۽ گواهين بابت بريف ڪيو ويو،ڪانفرنس ۾ ڪيس کي اڳتي وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي وئي جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ جنرل(ر)فيض حميد جي ڀاءُ سردار نجف جي گرفتاري لاءِ چڪوال ۾ فيض حميد جي گهر تي ڇاپي جو به انڪشاف ٿيو آهي،سردار نجف حميد پوليس کي نه مليو،ٻئي پاسي پي ڊي ايم حڪومت دوران وزيراعظم شهبازشريف جي اي ڊي سي رهندڙ ميجر عبدالرحمان کان به فيض حميد سان رابطن جي سلسلي ۾ پڇاڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي، ميجر عبدالرحمان 2019-18دوران جنرل فيض حميد جو اسٽاف آفيسر رهي چڪو آهي، ميجر عبدالرحمان شهبازشريف ۽ مريم نواز وچ ۾ فون جي رڪارڊنگ ڪري ڇڏي،جيڪا هن فيض حميد کي موڪلي ڇڏي، اها آڊيو بعد ۾ ليڪ ٿي وئي، آءِ بي اهو معاملو آرمي چيف تائين  پهچائي ڇڏيو، ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم پاڻ وزيراعظم هائوس پهچي ميجر عبدالرحمان کي پنهنجي گاڏي ۾ وٺي ويو ۽ هن کي سزا طور بهاولپور بدلي ڪري ڇڏيو، هن جي ليفٽيننٽ ڪرنل طور ترقي به رڪجي وئي، فيض حميد نيٽ ورڪ جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، اڃا به وڌيڪ گرفتارين جو امڪان آهي،فوجي ترجمان واضح ڪيو ته رٽائرمينٽ کانپوءِ رٽائرڊ آرمي آفيسرن آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي،فيض حميد کي آءِ ايس آءِ جي سربراهي تائين پهچائڻ ۾ جنرل باجوا ۽ جنرل نويد مختار جي هٿ هجڻ واري سوال تي فوجي ترجمان جواب ڏنو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ وزيراعظم کي رپورٽ ڪندو آهي، توهان ان(عمران خان) جو نالو نه کنيو،جنرل فيض حميد رٽائرمينٽ کانپوءِ به سسٽم ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي پنهنجا حامي ماڻهو رکرايا هئا، جيڪي هن لاءِ ڪم ڪندا هئا، انهن جو تعلق ٻين ادارن سان آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.