اسلام آباد(فخر دراني)ٽاپ سٽي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف ڪارروائي لاءِ عدليه سان رابطو ڪيو ويندو، هن جي ڪرپشن جي حوالي ڪا پٽيشن داخل ٿي سگهي ٿي، باقي فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل ۾ هن جي واعدا معاف گواهه بڻجڻ جو امڪان ناهي، فوج پاران هن کي گواهي لاءِ طلب ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خلاف ڪا به انڪوائري نه پئي ٿئي، ذريعن موجب جنرل باجوا پنهنجي دور ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اداري جو فيصلو هو،رٽائرمينٽ کانپوءِ هن سياسي سرگرمين ۾ حصو نه ورتو، ان ڪري هن کي ڪلين چٽ مليل آهي،جنرل باجوا يورپ جي دوري کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو آهي هو اڄڪلهه پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ترسيل آهي، باقي فيض حميد ڇو ته جنرل عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري روڪرائڻ لاءِ فوج ۾ بغاوت جو ماحول پيدا ڪيو ۽ عمران خان سان گڏجي 9 مئي واقعن جي رٿابندي ڪئي ان ڪري هن خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن ته عمران خان جو به فوجي عدالت ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو ،ٻئي پاسي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس ۾ اهو پيغام ڏنو ويو ته فوج اندر پنهنجي ماڻهن لاءِ ته خود احتسابي جو نظام ڪم ڪري رهيو آهي ٻين ادارن خاص طور عدليه کي به اهڙن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي،