اسلام آباد(زاهد گشڪوري)اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آرمي چيف جنرل عاصم منير سان رابطن ۾ آهي، ٻنهي جا راولپنڊي ۾ گهر آمهون سامهون آهن، جنرل باجوا ملڪ ۾ غيرمعمولي تبديلين کانپوءِ 17 آگسٽ تي ٻاهرين ملڪ دوري کان واپس پهتو آهي،12 آگسٽ تي جنرل(ر) فيض حميد گرفتار ٿيو هو، ذريعن موجب جنرل باجوا موجوده صورتحال تي آرمي چيف سان مشاورت ۾ شامل هوندو آهي، جڏهن ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) نويد مختار سان به آرمي چيف جا رابطا آهن ۽ اهم معاملن تي هن کان به رهنمائي ورتي ويندي آهي