اسلام آباد (عمر چيما) ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ستي کي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ستي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو. صدر آصف زرداري ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ستي جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيئرمين جي مقرري ٽن سالن يا چيئرمين جي عمر 65 سالن تائين هوندي. واضح رهي ته ايف پي ايس سي چيئرمين جو عهدو آگسٽ 2023ع کان خالي آهي، جنهن سبب سينٽرل سليڪشن بورڊ جو اجلاس به نه ٿي سگهيو آهي،جڏهن ته ايف پي ايس سي جي چيئرمين جي مقرري لاءِ ڪميشن ميمبر رٽائرڊ ڪاموري ميان مشتاق جو نالو وزيراعظم شهبازشريف سمري ۾ صدر آصف زرداري ڏانهن اماڻيو هو، صدر ميان مشتاق جي 64 سال عمر هئڻ تي اعتراض واري سمري واپس اماڻي ڇڏي،جڏهن ته جنرل اختر نواز ستي فوج مان آڪٽوبر ۾ رٽائر ٿيڻو آهي،رٽائرمينٽ کان اڳ ئي کيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي پنجاب پبلڪ سروس ڪميشن ۾ به اڳوڻي ڪور ڪمانڊر لاهور جنرل عبدالعزيز کي مئي 2024 ۾ چيئرمين مقرر ڪيو ويو ،گذريل 10 -12 سالن کان اتي جنرل ئي چيئرمين مقرر ٿي رهيا آهن،